سنجرچانگ ( ن پ ا) سنجرچانگ لڳ  بشير آباد موري تي  مبارڪ آباد جي پورهيتن محمود احمد، دائود احمد،  ياسين ،محمد علي ۽ ٻين  پوليس خلاف مظاهرو ڪري درڻو هنيو. هنن چيو ته   ايس ايچ او سنجرچانگ بااثرن جي ونگار وهندي اسان کي تمام گهڻو تنگ ڪري اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. اسان  ڪورٽ سڳوري جي حڪم جي تعميل ڪندي ڳوٺ خالي ڪري سيل ٿيل ڳوٺ کان ٻاھر کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون پوليس اسان کي کلي آسمان هيٺ به نٿي ويهڻ ڏي اسان تي ۽ ڪوريج ڪندڙ صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏي ٿي. ڳوٺاڻن  اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته سنجرچانگ سفارشي ايس ايچ او کي فوري طور تي هٽائي اسان کي اسان جا گهر واپس ڏئي  انصاف ڪيو وڃي.