سنجرچانگ(ن پ ا) سنجرچانگ لڳ ڳوٺ فتح محمد احمداڻي ۾  شيخ ڀرڪيو جي رهواسي موتي ڪولهي سندس ساهرن ۾ پنهنجي گهرواري شريمتي ٿانون ۽  سس  هومون ڪولهي کي  گاهه واري ڏانٽي سان  وار ڪري هٿ وڊڻ جي ڪوشش  ڪئي، جوابدار ٻنهي کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع تي سنجرچانگ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنھي زخمين کي بي ايچ يو سنجرچانگ آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ منتقل ڪيو ويو  جوابدار جي سهري هومون ڪولهي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ جي شادي کي 7 سالن کان مٿي جو عرصو  گذري چڪو آهي، جنهن مان 5 ٻار پڻ آهن ٻنهي زال مڙس جو شروع کان ئي جهيڙو هلندڙ هو ڪيترائي ڀيرا فيصلا  پڻ ڪيا ويا هئا ڪجهه ڏينهن پهرين منهنجي ناٺي ۽ ڌي جو جهيڙو ٿيو  اسان کي جيئن اطلاع مليو اسان پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي کي اسان پنهنجي گهر وٺي آيا سين، اڄ اسان مردن مان ڪير به گهر موجود نه ھئڻ ڪري منهنجي ڌيءَ ۽ گهر واري جي هٿن  تي ڏانٽي جا وار ڪري  سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته سنجرچانگ ٿاڻي تي اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ٻئي پاسي جوابدار موتي ڪولهي جو دماغي توازن سهي ناهي اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي.