بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) چيني ڪمپني هواوي آمريڪا سوڌو ٻين ملڪن جي پابندي ۽ ڏکيائين باوجود سيٽلائٽ نيٽورڪ تي هلندڙ پهريون سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.هواوي ميٽ 60 پرو پلس کي نه رڳو فائيو جي سپورٽ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڄاڻايل فون سيٽلائٽ موبائل نيٽورڪ تي به هلندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته عام موبائل نيٽورڪس جي ضرورت نه پوندي. پر ڪمپني اهو واضح ناهي ڪيو ته هواوي: ميٽ 60 پرو پلس، ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۽ خطن ۾ سيٽ لائٽ نيٽورڪ تي ڪم ڪري سگھي ٿو.ڪمپني موجب ڄاڻايل فون چين طرفان 2016ع ۾ متعارف ڪرايل موبائل نيٽورڪ سيٽلائٽ”تيانٽونگ“ (Tiantong satelliteُ) تي هلندو.اهو ڪمپني جو پهريون فون هوندو جيڪو سيٽلائٽ نيٽورڪ تي به هلندو، پر ان کانسواءِ فون عام موبائل نيٽورڪس تي به ڪم ڪندو ۽ گڏوگڏ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڊائون لوڊنگ جي رفتار بهتر بڻجندي. يعني ڄاڻايل موبائل سان واهپيدار جڏهن به ڪا شيءَ ڊائون لوڊ ڪرڻ چاهيندو ته فون ٻين فونز جي ڀيٽ ۾ تيزي سان ڊائون لوڊنگ ڪندو.هواوي ميڊ 60 پرو پلس کي 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو آهي ۽ ان ۾ به ڪمپني پنهنجو ئي آپريٽنگ سسٽم يعني هارمني او ايس ڏنو آهي.