ممبئي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيءُ ۽ سندس ڌيءَ سموسي سان گڏ غلطي سان ڪرڙي به کائي ويا. مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب هاپوڙ ضلعي جي رهواسي منوج ڪمار ٻڌايو ته آئون پنهنجي پٽ کي بازار مان سموسا آڻڻ جو چيو، پر انهن کي کائيندي اسان انتهائي خوفناڪ تجربي کي منهن ڏنو. هن ٻڌايو ته آئون هڪ سموسو مڪمل طور تي کائي چڪو هيس، جڏهن ته منهنجي ڌيءَ سموسو کائي رهي هئي  ته هن ڏٺو ته اندر مُئل ڪرڙي موجود آهي، ٿوري دير بعد اسان ٻنهي جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي ۽ اسان فوري اسپتال ڀڳاسين.
ان کان پوءِ، متاثر شهري سموسن جي دڪان تي وڃي هنگامو ڪري ڏنو. پر پوليس دڪاندار خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.