ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ هلندڙ سمورين آن لائين ٽيڪسي سروسز کي هڪئي نظام هيٺ آڻڻ ۽ اي وي ٽيڪسيون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪالهه سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نوان موٽر وهيڪل انسپيڪشن سينٽر قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ۽ ڪراچي ۾ قائم موٽر وهيڪل انسپيڪشن سينٽرن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ عوام کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيون فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ماڊلز تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت اسڪوٽرن جي فراهمي جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي ٽيڪسي سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سڀني ٽيڪسي سروسز لاءِ هڪجهڙي نظام جي شروعات سان ڀاڙن، سروس جي معيار ۽ گاڏين جي چڪاس جي نظام ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ورڪنگ وومين ۽ شاگردياڻين کي 1,000 پنڪ اسڪوٽر مفت ڏنا ويندا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ هلندڙ روايتي بسن کي ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪري هتان جو  سسٽم اي وي بسن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون جون تائين پهچنديون.