اسلام آباد (م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ ڪيس ختم ڪرڻ جو شرط رکيو آهي.  خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خواجه آصف چيو ته چونڊن ۾ هونئن به سياسي پارو وڌي ويندو آهي.  پنجاب 65 سيڪڙو آبادي وارو صوبو آهي، اتي پهرين چونڊون ڪرايون ويون ته پنجاب باقي صوبن جي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگھي ٿو.  هن چيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊ ٿي ته ان جو قومي اسيمبلي تي به اثر پئجي سگهي ٿو. ائين ٿيو ته انارڪي پيدا ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته عمران خان ڳالهين لاءِ ڪيس ختم ڪرڻ جو شرط رکيو آهي. عمران خان ته هاڻ پاڻ اين آر او گھري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي ته ٻيهر اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندس. هڪ ٻئي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته عمران جن تي سازشن جو الزام هڻندو هو اڄ انهن جي ئي پيرن تي ڪريو پيو آهي.  هن چيو ته عمران خان جي ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق آهي. عمران خان لابيز ذريعي پاڪستان خلاف بيان ڏياري رهيو آهي.  هن چيو ته عمران دنيا ۾ پاڪستان جي ساک خراب ڪري رهيو آهي.  پي ٽي آءِ سربراهه پهرين فوج کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي برو چوي ٿو. هن چيو ته اڄ ڪلهه منٿن جي موسم هلي رهي آهي. ڪجھه مهينا اڳ گارين جي موسم هئي.