سمورا پرڏيهي پاڪستان جي اندروني معاملن کان پري رهن، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار افغان شهرين جا تفصيل گهرو وزارت جاري ڪندي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جي هفتيوار بريفنگ، ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي شهرين جي پاڪستاني سياسي احتجاجن ۾ شرڪت مڪمل طور غيرقانوني آهي، سمورن پرڏيهين کي چونداسين ته پاڪستان جي سياسي معاملن کان پري رهن، پاڪستان لبنان ۾ جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، اسان لبنان جي خودمختياري جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستان غزه ۾ نسل ڪشي جي به مذمت ڪري ٿو، ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي به مذمت، پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.