ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) قلندر لعل شهباز جي درگاھه بعد سمن سرڪار جي درگاھه تان به زائرين جا نذراني وارا پئسا درگاهه جي خانگي خادمن پاران ميڙڻ واري ويڊيو وائرل، قلندر جي درگاھه واري ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد رڳو 2 خادم معطل ڪري معاملو دٻايو ويو، درگاھ جو مينيجر ۽ ويڊيو ۾ ظاهر ٿيل خادم انڪوائري کان آجا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب قلندر شهباز جي درگاھه کانپوءِ سمن سرڪار جي درگاھ تان خانگي ماڻهن پاران نذراني جا پئسا ميڙڻ واري ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، بدين ۾ سمن سرڪار جي درگاھ تي زائرين پاران رکيل پئسا ميڙڻ کانپوءِ خانگي ماڻهن پاران پئسن جي ورهاست ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿي آهي، ويڊيو ۾ واضح ڏسي سگھجي ٿو ته زائرين پاران نذراني طور ڇڏيل پئسا نذراني واري پيتي ۾ رکڻ بجاءِ ٻن خانگي ماڻهن پاران ورهاست ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سمن سرڪار جي درگاھه تي رڳو هڪ سرڪاري ملازم (خادم) مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي خانگي خادم ڀرتي ڪيل آهن. هوڏانهن ڪجهه ڏينهن اڳ قلندر شهباز جي درگاھه تان به خادمن پاران زائرين کان پئسا وٺي پنهنجي کيسي ۾ رکڻ واري ويڊيو ظاهر ٿيڻ بعد اوقاف کاتي جي اختيارين درگاھه جي مينيجر جميل انصاري ۽ ٻئي عملي کي بچائڻ لاءِ رڳو 2 خادم معطل ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ان معاملي جي اڃا تائين ڪا به جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي.