اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اوورسيز پاڪستانين بابت وفاقي وزارت معاملي جي جاچ لاءِ گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو سرمايو آهن، کين ناجائز تنگ ڪرڻ غلط عمل آهي، هِن سنگين معاملي تي فوري انڪوائري ڪرائي وڃي.