ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) تيونس مان محبت ۾ ڪراچي پهچي شادي ڪندڙ ناري سان بيوفائي، مڙس طلاق ڏئي ڇڏي، ناري دربدر، تشدد جا الزام، پوليس سفارتخاني سان رابطو ڪري ورتو، ناري کي واپس اماڻڻ جا انتظام شروع، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سوشل ميڊيا تي دوستي بعد تيونس مان ڪراچي پهچي لياري واسي نوجوان عامر سان شادي ڪندڙ ناري سندا اياري کي مڙس طلاق ڏئي ڇڏي، جنهن بعد ناري سندا اياري وومين پوليس اسٽيشن لياقت آباد پهتي، پوليس کيس پناهه ڏني. پوليس موجب ناري سندا اياري نوجوان عامر تي تشدد ڪرڻ جا الزام پڻ لڳايا. تيونس سان تعلق رکندڙ سنداياري سوشل ميڊيا ذريعي لياري جي رهواسي محمد عامر سان رابطي ۾ آئي، فيس بڪ زريعي دوستي ٿي دوستي کان پوء 28 نومبر 2024 تي سنداياري ڪراچي پهتي، سنداياري محمد عامر سان 29 نومبر تي محمد عامر سان نڪاح ڪيو، 7 مهينن کان پوء محمد عامر کيس طلاق ڏئي ڇڏي، ناري پوليس کي ٻڌايو ته 90 ڏينهن کان پوء پاڪستاني وزٽ ويزا 18 فروري 2025 تي ختم ٿي چڪو آهي. هن پاڪستاني حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته پرميننٽ جاري ڪيو وڃي جيئن هو واپس پنهنجي ملڪ وڃي سگهي. ناري ٻڌايو ته مون تي عامر ۽ سندس گهر وارا تشدد ڪندا هئا، تشدد سبب هڪ ڪن مان صحيح طريقي سان ٻڌي نٿي سگهان، تشدد سبب ڳالهه طلاق تائين پهتي، عامر سان فيسبڪ تي رابطو ٿيو، عامر جي اها آئي ڊي به فيڪ هئي، جنهن بعد عامر پنهنجي باري ۾ سچ ٻڌايو ۽ پوءِ آئون پاڪستان آيس. آئون واپس وڃڻ چاهيان ٿي، تيونس جو ڪراچي ۾ قونصل خانو ناهي، اسلام آباد ۾ سفارتخانو آهي، جنهن سان پوليس رابطو ڪيو آهي.
ناريءَ جي سهري پاران بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام: تيونس سفارت خاني جو رابطو، واپس اماڻڻ جا انتظام
ڪراچي: ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب سندا اداري ضلعي سٽي جي ڪنهن به ٿاڻي تي نه پهتي، سندا اياري جو سهرو ٿاڻي تي آيو هو ۽ هن شڪايت ڪئي ته منهنجي پٽ عامر گهر واري سندا اياري کي طلاق ڏني، هاڻي سندا اياري بليڪ ميل ڪري رهي آهي، پوليس عامر جي والد کي ايف آئي اي سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، سندا اياري منهنجي ضلعي ۾ ڪنهن به ٿاڻي تي پهچي ڪا شڪايت داخل نه ڪئي. وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او عظمي خان موجب ناري جي واپسي لاءِ سفارتخاني سان رابطو ٿي ويو آهي، سفارتخانو سندس واپسي جا انتظام ڪندو. هن چيو ته ناري تشدد خلاف سٽي ضلعي ۾ لاڳاپيل ٿاڻي تي درخواست ڏئي سگهي ٿي، جنهن بعد نوجوان تي ايف آئي آر ٿي سگهي ٿي.
عامر سان اڄ به محبت ڪريان ٿي، ڪا ڪارروائي نٿي چاهيان: تشدد باوجود ناريءَ جو ڪارروائي کان انڪار
ڪراچي: ناري سندا اياري چيو ته مون عامر سان محبت ڪئي، قانوني ڪارروائي نٿي چاهيان، مون کي اڃا به عامر سان محبت آهي، هاڻي طلاق بعد آئون واپس وڃڻ چاهيان ٿي، مون کي عامر ۽ سندس گهر وارن تشدد جو نشانو بڻايو، مون سان بدتميزي ڪندا هئا، آئون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان آيس، مون والدين کي به مشڪل سان راضي ڪيو هو، هاڻي آئون ڏاڍي پريشان آهيان. ٻئي طرف پوليس موجب نوجوان عامر ناري سان ملڻ ٿاڻي آيو هو، هن چيو ته مون کان غلطي ٿي آهي، جنهن تي پڇتايان ٿو، ڪاوڙ ۾ خبر نه پئي. پوليس موجب ناري به پريشان آهي.