مورسيبي(انٽريسٽنگ نيوز) پاپوا نيو گينيا جي سمنڊ مان عجيب مخلوق ڪناري تي نڪري آئي جنهنکي ڏسي تفريح لاءِ آيل ماڻهو حيران ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب پاپوا نيو گينيا جي سامونڊي علائقي سمبيري ٻيٽ تي عجيب مخلوق ڪناري تي نڪري آهي مئل حالت ۾ مليل ان مخلوق جي جسم جو اڪثر حصو ڳريل هجڻ سبب ان جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي.