لطيف سائين جي هڪ شعر جون سٽون آهن: “پرييم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان”. رسول بخش پليجو صاحب سنڌ ۽ پاڪستان جو اهو يگانو عالم ۽ مفڪر ڏاهو آهي جنھن علم جي ڪيترن ئي شعبن تي پنھنجي ڏاهپ ۽ دانش جي ڇاپ ڇڏي. رسول بخش پليجي صاحب جي ڪهڙن ڪارنامن تي لکجي؟ “مون سي ڏٺا ماءَ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالھڙي”. (شاھ) رسول بخش پليجي صاحب اسان کي قوم دوستي جي حقيقي وصف سمجهائي. هن اسان کي قوم جي “پرستش” مان ڪڍي سنڌي قوم جي حقن وسيلن، تاريخي تشخص، ٻوليءَ، قومي ملڪيتن کان ويندي قومي احساسن ۽ جذبن جي حفاظت جا نوان ڍنگ سيکاريا. پليجي صاحب جو هميشه ان ڳالهه تي زور هوندو هيو ته سنڌي قوم کي ٻين شين سان گڏ جديد سائنسي نظرين، جاسوسي تاريخ، انساني تاريخ، عالمي تاريخ، عالمي سياست سميت گهڻ طرفو علم پڙهي بند خول مان نڪري ڪنڌ مٿي ڪري دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي روايتي انداز کي پٺتي ڇڏي نئين انداز ۽ نئين ڍنگ سان دنيا ۾ هلي. رسول بخش پليجي صاحب وٽ لطيف سائين جي تشريح نرالي هئي اهو رسول بخش پليجي صاحب جو ئي ڪارنامو هيو جنھن ٻڌايو ته سنڌي قوم وٽ لطيف سائين جهڙو عالمي سطح جو مفڪر، ڄاڻو ۽ پورهيت دوست فلسفي، شاعر آهي، جنهن قومي جدوجهد ۾ ثابت قدميءَ سان بيهي رهڻ جو نه فقط حوصلو ڏنو پر انقلابي انسان جون ڪسوٽيون پڻ واضع ڪيون ۽ سنڌي قوم واسطي وطن دوستي، عورت جي بهادري جي قصن، افسانن وسيلي جدوجھد جا نوان بنياد وڌا. پليجو صاحب لطيف جو زبردست پارکو ھو. لطيف سائينءَ جا ڪردار حوصلي، ھمتن ۽ جرئتن وارا آھن.
“سي پوڄارا پر ٿيا سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن
لڌائون لطيف چئي، لاٽون مان لهرن
ڪانهي ڪا قيمت تن، ملھ مهانگو ان جو”. (شاھ سائين)
رسول بخش پليجو صاحب سنڌي قوم جو ڏڍ هيو، فخر هيو، هو اهڙو داناءُ هيو جنهن تي سنڌي قوم فخر سان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺي رهندي. پليجي صاحب هر دور جي جابر سان ويڙهه وڙهي، هن ضيائي مارشل لا دور ۾ به سنڌي قوم کي قومي، عوامي، جمهوري، جدوجهد ۽ ٻڌي جا نوان مثال ٺاهي ڏنا. پليجي صاحب پنهنجي سڀ کان خوبصورت تخليق عورتن جي انقلابي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي روپ ۾ سنڌي قوم جي حقن، وسيلن، قومي ملڪيت، قومي حقن، صوبائي خودمختياريءَ سميت سامراج مخالف، قومي، عوامي، جمهوري ۽ انقلابي جدوجهد جو هڪ منظم، تربيت يافته نسل ۽ نئون انسان تيار ڪيو، جن پنهنجي هن عظيم قائد جي سرواڻي ۽ دانشمندي هيٺ جمهوريت جو بچا ڪيو، آئين ٽوڙيندڙن کي للڪاريو، عدالت جو تحفظ ڪيو، آئين ۽ قانون جو مان مٿانھون ڪيو، پنهنجي ثابت قدم پرامن، آئيني جدوجهد وسيلي ملڪ اندر عدالتن جو ڀرم، تقدس، احترام بحال ڪرايو ۽ اڄ به ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ سنڌو درياهه تي ڪينالن خلاف جدوجھد ۾ آهن. سنڌي قوم سميت دنيا جي مظلوم قومن، پورهيت عوام جي حقن خاطر پنهنجي عظيم قائد جي فڪر تي گامزن آهن. ڪوٽ لکپت جيل ۾ پليجي صاحب بهادري ۽ علمي اپروچ جا نوان مثال قائم ڪيا. پليجي صاحب جي پراميدي، سائنسي سوچ، جدلياتي فلسفي جو گهرو ادارڪ، عالمي انقلابي پورهيت دوست نظريي سان وفاداري، سنڌي قوم جي وطن دوست انقلابي جدوجهد ۽ هڪ ئي وقت عالمي سطح جي سياست مٿان دسترس ته ساڳئي وقت عالمي ادب تي سندس شاهڪار تجزين ۽ انقلابي روين جي ضامن سندس لکيل جيل ڊائري “ڪوٽ لکپت جو قيدي” آهي جنهن ۾ پليجي صاحب جي مطالعي جي وسيع ۽ گهري انداز کي ڪنهن هڪ سبجيڪٽ لاءِ مخصوص ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو.
رسول بخش پليجي صاحب جي زندگيءَ جي زندگي جو هر انداز نرالو آهي. پليجو صاحب زندگيءَ جي ڪنهن خاص شعبي يا ڪنهن خاص علمي شاخ تائين محدود ناهي. هو دنيا جهان جي علم، ادب، ڏاهپ، عالمي حالتن سان پنهنجو ڳانڍاپو رکيون پيو اچي ته وري ساڳي ئي وقت پنهنجي همعصر دور ۾ سنڌ اندر ادبي دنيا ۾ ڇا وهي واپري پيو تنهن تي به ڪوٽ لکپت جيل ڊائري ۾ پنهنجن خيالن کي ڀرپور نموني سميٽيو اٿس. پليجي صاحب جتي “انڌا اونڌا ويڄ” جهڙو شاهڪار ادبي تنقيدي ڪتاب لکي شيخ اياز جھڙن روشن خيال، ترقي پسند شاعرن، اديبن جو رجعت پرست قوتن کان دفاع ڪيو اتي پليجي صاحب شيخ اياز جي فڪري جهولن کان ويندي پورهيت دشمن ادب ۽ جديديت جي نالي ۾ ماڻهن اندر مايوسي، زندگيءَ کان رنج، جدوجھد مان ويساھ گهٽائڻ جهڙن رسمن تي پڻ پنهنجو قلم کنيو آهي، جنهن تي پليجي صاحب “سندي ذات هنجن” ڪتاب به لکيو. پليجي صاحب جي جيل ڊائري “ڪوٽ لکپت جو قيدي” پڙهڻ سان اها پرک پئجي ويندي ته سنڌ جو هي عظيم ذهن توڙي جو جيل اندر رهندي به ڪيڏا نه تخليقي ۽ تاريخي، ڏاهپ سان سرشار خيال سوچي ٿو. سنڌي نوجوانن لاءِ اتساھ بڻيل سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم تخليقڪار پليجي صاحب جي اِها جيل ڊائري هن ڏاهي جي ذهن کي سمجهڻ ۾ نهايت مددگار آهي ته ڪيئن هي هماليه کان به اُوچا جذبا رکندڙ طبيعتن نهٺو، لطيف سائين جو عاشق جيل اندر دنيا جي تمام وڏين تڪليفن کي منهن ڏيندي به ڪيڏا نه عظيم حوصلا ۽ سنڌي قوم جي بهتر مستقبل لاءِ اکين ۾ ڪيڏيون نه حسرتون رکي ٿو. ۽ هر وقت مظلومن لاءِ جدوجھد کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين سمجهي پنهنجي ذات، شخصيت کان قومي عوامي، انقلابي مفادن کي مٿانهون رکيون پيو اچي.
پليجي صاحب پنهنجي خوابن سان ڪڏهن سوديبازي نه ڪئي، پليجي صاحب ته پنهنجي سموري حياتي ويندي ساھ جي آخري گهڙين تائين پورهيت دوست سائنس وسيلي پورھيتن، مظلوم قومن لاءِ بهتر سماج اڏڻ لاءِ وقف ڪئي. ادب ۽ شاعري بابت پليجي صاحب لکيو هيو ته: “شاعر هڪڙي اکر ۾ اها ڳالهه سمجهائي ڇڏيندو جو توهان هوڏانهن ڪلاڪ لڳايو، ڪتاب پڙهو. شاعر جيڪڏهن صحيح شاعر آهي ته ماڻهوءَ جي دنيا ئي بدلايو ڇڏي”. (پڙهو انقلابي شاعري جا عام ماڻهو جي زندگي تي پوندڙ اثر – رسول بخش پليجو، ماھوار ڪاپڙي جنوري 2021ع) پر پليجي صاحب جي گهڻ پاسائين شخصيت ۽ ڪم جو ڪاٿو ايڏو آساني سان لڳائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سائين سراج ميمڻ جي لفظن ۾، ““منهنجو هميشه لاءِ اهو خيال آهي ته، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڏھ ڄڻا به پليجي جهڙا هجن ته ڏهن سالن اندر دنيا جي گول نقشي تي، شينهن جيان ڳاٽ اوچو ڪري، سوشلسٽ سنڌ، سامراج جي ڇاتيءَ تي سدائين مڱ ڏريندي رهندي.“
پليجي صاحب جو ٻيو ڪتاب جيڪو سنڌي قوم لاءِ مشعل راھ آهي، جنهن منجهان هن جي ڏاهپ، دورانديشي ۽ جدلياتي سائنس جون نه فقط وسيع پر گهري مطالعي جون جهلڪيون پڻ نظر اينديون سو آهي “صُبح ٿيندو”. هي ڪتاب سنڌ اندر، عالمي انقلابي پورهيت دوست نظريي /سائنس جا نوان بنیاد وجهندڙ بنیادي ڪتاب آهي. هونئن ته پليجي صاحب، دنيا جي اڌ آبادي عورتن جي مارڪسي – انقلابي تربيت ڪرڻ لاءِ انقلابي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ جي بنياد وجهڻ سميت سنڌي سماج اندر ٻيا به ڪيترائي نوان سياسي گس ڳوليا. جدوجھد جا نوان ڍنگ دريافت ڪيا. انقلابي پورهيت دوست سائنس کي نوان بنياد فراهم ڪيا.
سنڌ جي قومي وسيلن ۽ قومي ملڪيت لاءِ ٿيندڙ پرامن جدوجھد بابت رسول بخش پليجي صاحب گهڻو ئي اڳ صبح ٿيندو ڪتاب ۾ لکيو ته ” قومي جدوجهد پس و پيش طبقاتي جدوجهد ئي ٿئي ٿي. يعني قومي وسلين، قومي ملڪيت، قومي حقن واري جدوجھد قوم پرستيءَ بجاءِ قوم دوستي آهي. اها جدوجھد مارڪسي فلسفي اندر جدلياتي اصولن موجب طبقاتي ٿئي ٿي. رڳو اهو نه پر ان ڪتاب ۾ شامل پليجي صاحب جو مضمون “قومي جدوجهد جو پناهگير – پنجابي نقلي ترقي پسند نظريو” مارڪسزم – ليننزم – فِڪر مائو جي فِڪري جوهر کي برقرار رکندي، سنڌ اندر انقلابي عمل جي لاءِ نوان گس، واٽ ۽ جدوجهد لاءِ نوان رويا، ڍنگ متعارف ڪرائي ٿو. هي مضمون پليجي صاحب جي جدلياتي فلسفي، سائنس جو گهرو ادارڪ رکندڙ مُفڪر جو واضع ۽ چٽو ثبوت مهيا ڪري ٿو.
رسول بخش پليجي صاحب طرفان پورهيت دوست سائنسي نظريي تي پڪو، پختو ويساھ ۽ ايڏي گهرائيءَ سان مطالعو ۽ ان تي ثابت قدميءَ سان بيهڻ جو عملي نمونو هن هِڪَ ئي مضمون مان صاف نظر ايندو. يا وري “صُبح ٿيندو” ڪتاب ۾ شامل سندس مضمون (ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ) رسول بخش پليجي صاحب جي مارڪسي فلسفي، ليننزم، مائو ازم جي گهري سمجھ، ڄاڻ جو اهڃاڻ آهي. مارڪسي فڪر جي حقيقي تشريح ۽ سنڌ جهڙي خطي ۾ ان سائنسي فڪر جي روشنيءَ ۾ ان مضمون وسيلي نوان گس، پيچرا متعارف ڪرايل آهن. جيتوڻيڪ مارڪسزم هڪ سائنسي نظريو آهي، پليجي صاحب سماجي سائنس جو گهرو ادراڪ رکندي ان سائنسي نظريي کي سنڌ اندر جدلي سائنس جي اصولن پٽاندڙ متعارف ڪرايو آهي. پليجي صاحب ان مضمون وسيلي ڦورو طبقن ۽ ان جي ڇاڙتن جي حرامپائين کي وائکو ڪيو آهي. سنڌ ۽ دنيا جي هن عظيم ڏاهي ۽ تاريخ ساز اڳواڻ ۽ سياستدان محترم رسول بخش پليجي صاحب جي 21 جون 2025 تي جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ عوامي تحريڪ طرفان ورسي ملهائي پئي وڃي. دنيا جي مظلوم ۽ پورهيت عوام کي پنھنجي هن عظيم قائد ۽ استاد مٿان فخر آهي.