ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) امريڪا ۾ سمنڊ اندر 3مهينا رهندڙ سائنسدان پهريان کان وڌيڪ جوان ٿي ويو، 2023ع ۾ پروفيسر جوزف ڊيٽوري پاران اوقيانوس سمنڊ اندر 93ڏينهن گذاريا هئا، پروفيسر جوزف ڊيٽوري کي ڊاڪٽر ڊيپ سي به سڏيو وڃي ٿو ۽ هن فلوريڊا ۾ اسڪوبا ڊرائيورز جي لاءِ سمنڊ اندر قائم جوليس انڊر سي لاجز ۾ رهي رڪارڊ ٺاهيو، سندس رهائشي پوڊ سمنڊ اوقيانوس جي سطح 30 فٽ هيٺ  ۽ 100 سڪوائر فٽ تائين هئي، تمام ننڍي جڳهه هئي پر ان ۾ ڪم ڪرڻ جي حصي سان گڏوگڏ ڪچن، باٿ روم، 2 سمهڻ جا ڪمرا ۽ هڪ ننڍو سوئمنگ پول به هو، آبدوز جهڙي لاج ۾ ٽيڪنالاجي موجود نه هئي، اهڙي تجربي جو مقصد اهو جاچڻ هو ته گهڻي دٻاءَ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ سان انساني جسم تي ڪهڙا اثر پون ٿا، جوزف جا سمنڊ ۾ رهڻ بعد مختلف جسماني ۽ دماغي ٽيسٽون به ڪيون ويون هيون، جوزف ڊيٽوري ٻڌايو ته اهڙي تجربي بعد ٽيلوميئرز ۾ واڌ ٿي آهي ۽ بائيولوجيڪل عمر ۾ گهٽتائي آهي، هن ٻڌايو ته سندس عمر 56 سال آهي پر منهنجي حياتياتي عمر هاڻي 44 سال آهي، جڏهن مان پاڻي کان ٻاهر آيس ته حياتياتي عمر 34سال رڪارڊ ڪئي وئي، پاڻي اندر رهڻ سان مان اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ جوان ٿي ويو آهيان، پاڻي ۾ رهڻ سان ڪوليسٽرول ليول ۾ 72 پوائنٽ گهٽتائي آئي، ننڊ جو معيار 60 کان 66 سيڪڙو تائين بهتر ٿيو.