اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ترميمي ايڪٽ خلاف عمران خان ۽ شيخ رشيد جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن، نادرا ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت وڪيل دائود غزنوي جي اپيل تي به نوٽيس جاري ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ سمنڊپار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم عدالتي فيصلي جي خلاف آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ووٽ جو حق ختم ناهي ڪيو ويو رڳو طريقيڪار جو مسئلو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ پاڪستان اچڻو پوندو يا اتان ئي ووٽ ڏئي سگهندا؟ بظاهر ووٽنگ جو طريقيڪار ايترو مشڪل بڻايو ويو آهي سمنڊپار پاڪستاني ووٽ ڏئي ئي نٿا سگهن، عدالت ٻن هفتن لاءِ بڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.