اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان نئين آرمي چيف جي سمري اماڻڻ کان پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي لاهور ۾ عمران خان سان ملاقات ٿي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ زمان پارڪ لاهور ۾ ملاقات ٿي صدر وزيراعظم هائوس مان منظور ٿيندڙ سمري جي حوالي سان عمران خان کي اعتماد ۾ ورتو. صدر عارف علوي عمران خان کي وزيراعظم طرفان اماڻيل سمري تي بريفنگ ڏني. عمران خان هدايت ڪئي ته آئين ۽ قانون موجب جيڪو بڻجي ٿو ان موجب سمري کي ڏسو جيڪڏهن صحيح آهي ته سمري کي ڪڍي ڇڏيو. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اسان کي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي. اسان جي ڪنهن به اداري سان ڪابه جنگ ناهي. ياد رهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت سمري ملڻ کان پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي فوري طور تي عمران خان ملاقات جي لاءِ اسلام آباد کان لاهور پهتو هو.