ڪراچي: سمرت ڪمار جي بازيابي ۾ بااثرن جي مدد وٺڻ بابت سوال تي ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڪنهن به بااثر مدد نه ڪئي الله جي مدد هئي جنهن اسان کي رستو ڏيکاريو.  پنج ڄڻن جي گرفتارين جي حوالي سان هن چيو ته اڄ ئي انهن کي ظاهر ڪري معاملو ڪمپليٽ ڪري ميڊيا سان معاملو شيئر ڪيو ويندو. جوابدار ڪهڙا آهن ڪير آهن ان بابت سوال تي هن چيو ته آئون اهو نٿو ٻڌائي سگھان، پر اهو ٻڌايان ٿو ته ڳڙهي تيغي ڀرسان ناپر ڪوٽ جو علائقوآهي اتان جا رهواسي آهن.  هن چيو ته ايف آءِ آر جي حوالي سان جاچ آفيسر معاملو ڏسندو.  آپريشن ۾ ٻين ضلعن جي پوليس شامل هجڻ جي حوالي سان هن چيو ته پوليس شڪارپور جي ئي هئي پر ڪنڌڪوٽ مان به ڪجھه نفري گھرائي هئي. سمرت جي بازيابي دوران گولي نه هلائڻ بابت سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته فائرنگ ان ڪري نه ڪئي جو ٻارڙن جي سيفٽي کي نظر ۾ رکيوسين. مقابلي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. پر ساڳئي آپريشن دوران ٻئي هنڌ تي هڪڙو ڌاڙيل ماريو ويو آهي علي نواز جانوري نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي. مختلف ڪيسن ۾ گھربل هو، اهو ناپرڪوٽ مان ڪجھه ڏينهن ٿيل اغوا واقعي ۾ ملوث هو.  پوليس جا اهلڪار اغوا ۾ ملوث هجڻ ڪري معطل يا بدلي ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي. الزام ڪوڙو آهي، پوليس عوام جي محافظ آهي. ڪرمنل ايڪٽ ناهي.