سکر (بيورو رپورٽ) عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان جي جنگ صوبن خلاف نه پر ملڪ جي اشرافيه خلاف آهي، مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي ته پ پ ڪئنالن جي خلاف بيٺي آهي يا سنڌ مخالف فيصلن سان بيٺل آهي، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته پيپلز پارٽي جو موقف ڇا آهي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو به اڄ تائين نٿا ڄاڻن ته پيپلز پارٽي ڪٿي بيٺي آهي، هن چيو ته اسان جي پارٽي ننڍي آهي، پر هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون، جيستائين عوام ۽ سڀئي پاڪستاني سياسي پارٽيون اجازت نه ڏين، ڪئنال نه ٺهڻ گهرجن، جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت عوام جي ووٽن سان ايندي ته بجيٽ عوام دوست هوندي، حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، پر بدقسمتي سان عوام مهانگي اگهه تي شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.