رياستن اندر حڪومتي وھنوار ۾ مذھبي حلقن جو عمل دخل ھميشه کان پئي رھيو آھي. مطلق العنان بادشاھن مذھبي پيشوائن کي پاڻ سان اقتدار ۾ شامل ڪري پنھنجي عوام دشمن، حڪومتن لاءِ مذھبي جواز پئي گھڙيا آھن. ھندو راجائن پاڻ کي ديوين ۽ ديوتائن جو اوتار پئي سڏيو آھي، ته وري مسلمان بادشاھن پاڻ کي ظلِ الاھي، جھان پناھ، حضور معظم ۽ خدا جا نائب وغيرھ جھڙا لقب ڏياري عوام ڏانھن جوابداري واري احساس کان پاڻ کي بچائي پئي ورتو آھي. ڪيترائي بنياد پرست عالم راسخ الاعتقادي جي نالي ۾ حڪمرانن (مطلق العنان) کي وڌيڪ ويجھو رھيا آھن. ڪجھ صوفين خاص ڪري سھروردين ھميشه حڪمرانن سان خوشگوار تعلقات رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي. موٽ ۾ کين قاضي القضات جھڙا وڏا عھدا ڏنا ويا، سندن خانقاھن جو سمورو خرچ حڪمرانن جي ذمي رھيو آھي. سھروردين جي مقابلي ۾ نقشبندي بزرگ وڌيڪ سخت گير روين جا مالڪ رھيا آھن. ھو طاقت جي زور تي شريعت نافذ ڪرڻ ۽ اقليتن سان مشروط، مگر سخت رويو رکڻ جا قائل رھيا آھن .شيخ مجدد الف ثاني وحدت الوجود جھڙي انسان دوست نظرئي جي اثرن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ وحدت الشھود جو فلسفو پيش ڪيو. شھنشاھ اورنگزيب عالمگير پنھنجي سخت گير مذھبي ۽ سياسي حڪمت عملي جا بنياد انھيءَ نظرئي (وحدت الشھود) تي استوار ڪيا. شھنشاھ اورنگزيب جي ئي دور ۾ وحدت الوجودي نظرئي جي قائل صوفين تي عتاب نازل ٿيو. دارا شڪوہه جھڙو فلسفي/ دانشور ۽ سرمد جھڙو لاطمع مجذوب (عاشق) تلوار جو کاڄ بڻيا. خانقاھون ويران ٿي ويون. شاعري، موسيقي، مصوري ۽ ٻين فنون لطيفه تي پابندي وڌي وئي. جنھن ڪري انسان دوست صوفياڻن خيالن، مذھبي رواداري ۽ انساني ڀائيچاري جھڙن عالمي آفاقي قدرن کي ناقابل تلافي نقصان رسيو. اڳتي ھلي انھن روين جي ھاڃيڪار اثرن ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ جاگرافي ۾ وڏيون تبديليون آنديون ۽ انھيءَ انتھاپسنديءَ جا اثر ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ اسين اڄ تائين ڀوڳي رھيا آھيون.
ننڍي کنڊ جي مذھبي ارتقاء جو تنقيدي جائزو وٺڻ سان اسان کي ٻه نمايان مڪتبهء فڪر ھڪبئي خلاف پنھنجي بقا جي جنگ وڙھندي نظر ايندا. انھن مان پھريون مڪتبهء فڪر انھن انسان دوست وحدت الوجودي صوفين جو آھي، جيڪي وحدت الاديان جا قائل رھيا آھن. ٻيو مڪتبهء فڪر انھن راسخ الاعتقادي بنياد پرست عالمن ۽ بزرگن جو آھي، جيڪي امت مسلمه واحد جا قائل رھيا آھن. سندن نظرئي ۾ قوميت جي بدران امت جو تصور آھي. مھدي جونپوري جي تحريڪ انھيءَ ٻئي مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندڙ ھئي .مھدوي تحريڪ جو باني سيد محمد مھدي جونپوري بنارس جي ويجھو جونپور جي شھر ۾ 1443ع ۾ پيدا ٿيو. مھدوي تحريڪ جي بنياد ۾ درحقيقت جونپور جي شرقي سلطنت جي خاتمي ۽ ننڊي کنڊ ۾ ڪنھن مرڪزي حڪومت جي عدم موجودگي سبب پيدا ٿيندڙ سياسي خلفشار ۽ طوائف الملوڪي ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلم مراعات يافته طبقي جي مفادن کي ڇيهو رسڻ واري ڊپ جو احساس پڻ شامل ھو. انھيءَ پيدا ٿيل صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ضروري ھو ته ڪنھن انقلابي نوعيت جي تحريڪ کي ميدان تي لاٿو وڃي. سيد مھدي جونپوري انھيءَ سياسي ضرورت جي پورائي ڪرڻ لاءِ روايتي مذھبي طريقو اختيار ڪيو يعني تحريڪ کي دين جي زوال سان ڳنڍيندي مھدي موعود جي ظھور واري معروف عقيدي جي دعوا ڪئي ويئي ۽ تحريڪ مٿي ڄاڻايل خارجي محرڪ جي باوجود بنيادي طور ھي تحريڪ شريعت جي تجديد ۽ راسخ الاعتقادي جي بينر ھيٺ اڳتي وڌي .تحريڪ جي بنياد ۾ ننڊي کنڊ ۾ قائم ٿيندڙ ھندو مسلم گڏيل ثقافت ۽ مذھبي فڪر جو ردعمل پڻ شامل ھو. ھندو مسلم گڏيل مذھبي فڪر ۽ ثقافت کي قائم ڪرڻ ۾ ننڍي کنڊ جي اسماعيلي داعين، چشتي بزرگن، ويدانتي ۽ ڀڳتي تحريڪ جي سنت درويشن، ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، دادو ديال، گرو نانڪ، سرمد، دارا شڪوھ ۽ ٻين وحدت الوجودي صوفي شاعرن پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو. سيد محمد ,1490ع ۾ حج تي روانو ٿيو. حجر اسود ۽ رڪن جي وچ ۾ مھدي موعود ھئڻ جي دعوا ڪيائين. حج ڪرڻ کان پوءِ کنڀات، احمد آباد، پتن ۽ بريلي ويو، جتان ناگور ۽ جيسلمير کان ٿيندو ڄام نظام الدين سمي جي وقت ۾ ٺٽي آيو. سنڌ ۾ تقريبن ڏيڍ سال رھڻ بعد ناموافق حالتن کان مجبور ٿي قنڌار طرف روانو ٿي ويو، جتي فراہ ۾ 1504ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر فراه (افغانستان) ۾ آھي .
سنڌ ۾ رھڻ دوران مھدي جونپوري کي نمايان ڪاميابيون حاصل ٿينديون نظر اچن ٿيون. حڪومتي ادارن جا مکيه ماڻھو قاضي قادن کان سواءِ شيخ جھنڊو پاتڻي، شيخ صدر الدين مفتي ٺٽوي، سيد مبارڪ شاھ، پير آسات ۽ محمد يوسف بکري جھڙا ناميارا بزرگ سندس مريد يا معتقد بڻيا. شروع ۾ وزير اعظم دريا خان ۽ ڄام نظام الدين سمو به مھدي جونپوري لاءِ دل ۾ نرم گوشو رکندا نظر اچن ٿا. پر پوءِ مخدوم بلاول شھيد ۽ ٻين وطن دوست صوفين جي سخت مخالفت ۽ ملڪ جي معروضي حالتن جي دٻاءَ کان مجبور ٿيندي ڄام نظام الدين سمي کي مھدي جونپوري خلاف سخت قدم کڻڻو پيو .
سومرن ۽ سمن جي ڏيھي خاندانن جو حڪومتي عرصو سنڌي سماج جي اوسر جو بنيادي ۽ اھم دور ھو. ھن ئي دور ۾ سنڌي سماج پنھنجي مخصوص قومي سماجي ۽ مذھبي شڪل اختيار ڪري رھيو ھو. سياسي لحاظ کان ھن دور ۾ قومي وحدت قائم ٿي. علم و ادب جا بنياد استوار ٿيا، معاشي خوشحالي ۽ خود ڪفالت لاءِ راھ ھموار ٿي. پر سڀ کان اھم ۽ مثبت پھلو ھي سامھون آيو ته مذھبي ڪٽرپڻي جي مقابلي ۾ مذھبي رواداري ۽ صوفيانه انسان دوستي جا سلا ساوا ٿيا. انھيءَ خوشگوار ماحول جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مذھب جو روشن پھلو نکري نروار ٿيڻ لڳو. مذھب سنڌي قومي مذھب جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. مذھب ۽ رياست ھڪٻئي جي سھڪار سان سنڌي سماج جي تھذيبي ۽ ثقافتي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لڳا. ھن ئي دور ۾ سنڌ جي صوفين جون خانقاھون عام ماڻھن جي روحاني ضرورتن جي پورائي سان گڏ علمي ادبي ۽ قومي تحريڪن جي مرڪزن جو روپ وٺڻ لڳيون. سنڌي سماج جي اوسر جو ھي سونھري دؤر اڃان عبوري عرصي مان گذري رھيو ھو ته اھڙي دور ۾ مھدوي تحريڪ جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سبب ھڪ نئين بحراني صورت حال پيدا ٿيڻ جو شديد خطرو پيدا ٿي پيو، جنھن کي مخدوم بلاول ۽ سندس ساٿين تشويش جي نظر سان ڏٺو ۽ مستقبل ۾ انھيءَ تحريڪ جي ايندڙ ھاڃيڪار نتيجن کي محسوس ڪيو .مھدوي تحريڪ جا حامي مختلف قومي ۽ ثقافتي وحدتن ۽ سندن تاريخي تشخص جي سڃاڻپ جا انڪاري ھئا .
سنڌ جي دورانديش صوفين، خاص ڪري مخدوم بلاول ۽ سندس ھم خيال ساٿين انھيءَ سموري تبديل ٿيندڙ صورت حال کي تنقيدي نقطهء نظر سان ڏٺو. ھنن محسوس ڪيو ته مھدوي تحريڪ جي زور وٺڻ سان سنڌ جي ھزارين سالن جي قومي، تھذيبي، ثقافتي وحدت ۽ جداگانه سڃاڻپ کي سخت ڇيھو رسندو ۽ اڳتي ھلي سنڌ پنھنجي آزاد تاريخي حيثيت وڃائي ويھندي. سنڌ جي ھنن عظيم محب وطن صوفين سنڌي سماج جي منفرد تاريخي ۽ انسان دوست حيثيت ۽ قومي وحدت جي بقا انھيءَ ۾ محسوس ڪئي ته مھدي جونپوري جي سنڌ ۾ نه صرف سخت مخالفت ڪئي وڃي پر سخت مزاحمت پڻ ڪئي وڃي. اھوئي سبب آھي جو مخدوم بلاول شھيد جي حڪم تي سيد حيدر سنائي مھدي جونپوري جون ٻيڙيون ساڙائڻ جھڙي انتھائي قدم کڻڻ کان به پاسو نه ڪيو. محب وطن صوفين جي انھيءَ سخت مخالفت مھدي جونپوري کي مجبور ڪري وڌو ته ھو سنڌ مان نڪري وڃي .
مھدي جونپوري جي سنڌ مان نڪري وڃڻ سبب في الحال خطرو ٽري ويو پر پوءِ به اوسي پاسي جي علائقن جي ڦرندڙ گھرندڙ سياسي صورتحال ۽ خود سنڌ ۾ مھدوي تحريڪ جي رھيل باقيات سنڌ جي سياست ۽ خاص ڪري سمن جي ڏيھي حڪومت جي خاتمي ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. قنڌار ۽ فراہ ۾ مھدي جونپوري کي ھڪ ٻئي پويان ڪاميابيون حاصل ٿيڻ لڳيون. ھي اھو دور ھو، جڏھن سنڌ ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وفات سبب حڪومت جون واڳون ڄام فيروز جي ھٿ ۾ اچي چڪيون ھيون. ڄام فيروز ۾ قائدانه صلاحيتن جي کوٽ ھئي. ڄام فيروز جي نامناسب روين کان تنگ ٿي سنڌ جو سورھيه سپه سالار ٺٽي مان نڪري پنھنجي جاگير ڳاھان ۾ وڃي رھيو. دريا خان جي حڪومتي جوڙ جڪ کان الڳ ٿي وڃڻ ۽ ڄام فيروز جي نااهلي سبب ملڪ تان حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ مھدي جونپوري سنڌ مان بي دخل ٿي چڪو ھو پر پوءِ به پويان سنڌ ۾ سندس معتقدن ۽ ھمدردن جو ھڪ وڏو تعداد بدستور موجود رھيو. انھن مان مکيه ماڻھن جي رسائي حڪومت جي اھم ادارن تائين پڻ ھئي. مھدوي فڪر جي حڪومتي ادارن تائين رسائي شاھ بيگ ارغون لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو ته ھو سنڌ طرف پيش قدمي ڪري. معروضي حالتن مان پورو فائدو وٺندي شاھ بيگ ارغون سنڌ تي لڳاتار حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. آخرڪار 927 ھ 1520ع ۾ ٺٽي جي ويجھو ساموئي جي ماڳ تي خونريز جنگ ۾ دريا خان جي شھادت کان پوءِ سنڌ سمن جي ھٿ مان نڪري ارغونن جي ڌارئي تسلط ھيٺ اچي وئي .
شاھ بيگ ارغون جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ به مخدوم بلاول ۽ سندس ساٿين، دريا خان جي پٽن محمد خان، مٺڻ خان ۽ راڻي رڻمل سنگهه جي ڪمان ۾ سنڌ جي منتشر فوجي طاقت کي گڏ ڪري ھڪ دفعو ٻيھر دشمن سان مھاڏو اٽڪايو پر معروضي حالتن سبب کين ڪاميابي نصيب نه ٿي ۽ سوين ڪونڌر ڪھائڻ کان پوءِ به سنڌ جي وطني حڪومت ڌارين جي تسلط کان بچي نه سگھي. انھيءَ قومي جدوجھد جي نتيجي ۾ مخدوم بلاول کي سازش جي ذريعي گھاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرايو ويو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شاھ بيگ ارغون ۽ قاضي قادن جي وچ ۾ تعلقات خوشگوار نظر اچن ٿا. جنھن جو مکيه سبب ٻنھي جو مھدوي فڪر سان واسطو ھئڻ آھي. ايم ايڇ صديقي انھيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو ته امير ذوالنون ۽ سندس پٽ شاھ بيگ يا ته مھدويت قبول ڪئي ھئي يا وري کين ھن عقيدي سان ھمدردي ھئي. شايد اھو ئي سبب ھجي جو شاھ بيگ ارغون پاڻ کي سنڌ جو حاڪم بڻايو. تڏھن باوجود انھيءَ جي ته قاضي قادن پنھنجي خيالن سبب اڪثر ماڻھن جي نظرن ۾ ڪريل ھو پر پوءِ به کيس سنڌ جي چيف جسٽس جي اھم عھدي تي قائم رکيائين. طبقات اڪبري وارو لکي ٿو ته شاھ بيگ ارغون بکر وارو قلعو قاضي قادن کان بغير ڪنھن مزاحمت جي حاصل ڪيو. انھيءَ واقعي کان پوءِ قاضي قادن ستت ئي پنھنجي اھل عيال سميت بکر کان ٺٽي طرف منتقل ٿي ويو ۽ جڏھن پويان شاھ بيگ ارغون ٺٽي پھتو تڏھن سندس لشڪر يارھين کان ويھين محرم تائين ٺٽي جي شھر کي ڦريندو لٽيندو رھيو ۽ خلق خدا کي قيد ۽ قتل ڪندو رھيو. انھيءَ ڦرلٽ، قتل غارتگري ۽ نفسا نفسي ۾ قاضي قادن جا ٻار ٻچا پڻ قيد ٿي ويا. تڏھن حافظ محمد شريف جي معرفت ڳالھيون ڪري نه صرف پنھنجا ٻار ٻچا آزاد ڪرايائين پر شاھ بيگ ارغون حڪم ڏنو ته قاضي قادن جنھن جي به سفارش ڪري، تنھن کي ھٿ نه لڳايو وڃي. اھڙي طرح قاضي قادن نه صرف شاھ بيگ ارغون جو منظور نظر ٿي پيو ۽ سنڌ جي مقامي حالتن کان باخبر ھئڻ ۽ خود ھم مسلڪ ھئڻ سبب شاھ بيگ ارغون جو مٿس وڌ ۾ وڌ اعتماد ٿي پيو. شاھ بيگ ارغون کيس مشاورت جون اھم ذميواريون سونپيون، جيڪي قاضي قادن انتھائي خوش اسلوبي سان سر انجام ڏنيون. دريا خان شھيد جي پٽن سان رابطو رکڻ (دريا خان جي پٽن ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو) ۽ اتر سنڌ جي ڌاريجن سردارن خلاف ڏنل صلاح سندس، شاھ بيگ ارغون لاءِ ھمدردي جو ثبوت آھن.
مٿي ڄاڻايل سڀني حقيقتن ۽ سنڌ جي معروضي سياسي ۽ مذھبي صورتحال سمن جي ڏيھي خاندان جي حڪومت جي خاتمي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، جنھن ۾ مھدوي تحريڪ جي ادا ڪيل ڪردار کي تاريخي ڇنڊ ڇاڻ ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي .