سماج ۾ بک ۽ خوف جو راڪاس

0
89
سماج ۾ بک ۽ خوف جو راڪاس

 شام لڙڻ تي ئي هئي ته پاڙي ۾ “چور چور – پڪڙيو پڪڙيو” جي آوازن تي سڄو ڌيان ان پاسي هليو وڃي ٿو. ڪجهه دير ۾ ئي ماڻهن جون رڙيون بلند ٿيڻ لڳن ٿيون. پڪ سان چور پڪڙجي پيا آهن. اهو سوچي ان پاسي وڃان ٿو. هڪ ٻارهن سالن جو ٻيو ڏهن سالن جو، ٻه ٻار آهن. معلوم ڪرڻ تي ٻڌائن ٿا ته گذريل ٻن ڏينهن کان بک تي هئا. مانيءَ لاءِ گهر ۾ داخل ٿيا ته گهروارن چوريءَ جي الزام ۾ هنن کي پڪڙي ويهاري ڇڏيو آهي. هنن کي ڳالهائڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي. هڪ خوف ٻيو بک شايد هنن جي حواسن کي خطا ڪري ڇڏيو. بس ايترو سو جو هنن ٽٽل لفظن ۾ پنهنجي بک جي ڪهاڻيءَ ٻڌائي ورتي نه ته شايد هو هجوم جي ڪاوڙ ڪروڌ جو شڪار ٿيندي دير نه ڪن ها. بک جي ڪهاڻي هاڻي انهن ٻن ٻارن جي ناهي رهي، پر هر ٻيو ٽيون ماڻهو سماج ۾ بک ۽ خوف جي راڪاس اڳيان بي وس نظر اچي ٿو

                 پروفيسر عبدالستار ابڙو، ساهتي پرڳڻي ۾ سماجي خدمتن جي حوالي سان اهم حيثيت جو مالڪ آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن نهايت ڏکايل لهجي ۾ ٻڌايو ته جڏهن ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ محبت ديري ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي ۽ ان ۾ علاج لاءِ پنجاب جي ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي، پهتل ڊاڪٽرن افسوس واري لهجي ۾ ٻڌايو ته هتان جي ماڻهن کي مناسب خوراڪ نه ٿي ملي. هو خوراڪ جي قلت جو شڪار آهن. هنن جي بيمارين جو وڏو سبب پڻ خوراڪ جي ڪمي ئي آهي! اهڙي حالت ۾ دوائون ڪهڙو اثر ڪنديون؟ دوائن جي ڳالهه نڪتي ته دوائون به ته ڪونهن، باقي ڇا آهي؟ شايد ڪجهه به نه…..

اهڙين حالتن ۾ ڇا ٿيندو؟ مناسب نموني آباديءَ تي ضابطي نه هجڻ جي ڪري گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ملڪ ۾ انسان جو انگ ٽيڻ تي پهچي ويو، ان ۾ وري سنڌ جا نصيب جو هڪ تيزيءَ سان ڄم جي ڪري وڌندڙ آبادي ٻيو مسلسل ڌارين جي يلغار، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ پوري ملڪ جو ماڻهو ملي ويندو!ڇا پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ به اها صورتحال آهي؟ اتي به ايئن ئي سنڌي ماڻهو رهن ٿا؟ جواب يقينن نفي ۾ هوندو. ان نفيءَ ۾ هڪ ڳالهه جيڪي تمام گهڻو پريشان ڪري ٿي؛ اها ماڻهن مان ماڻهپي نڪرڻ جي آهي. جيولس ورن درست چيو هو: “ڌرتيءَ کي نون کنڊن جي نه پر نون ماڻهن جي ضرورت آهي.” اهي نوان ماڻهو ڪٿان اچن؟ اهو سوال پڻ اهم آهي. مونکي ان يوناني فلاسفر جو نالو ته ياد ناهي پر ان جو ڪم نه ٿو وسري، جيڪو ڏينهن ڏٺي جو ايٿنس جي گهٽين ۾ لالٽين ٻاري پيو گهمندو هو. ڪير پڇندو هئس ته “ڏينهن جو روشنيءَ ۾ لالٽين…؟” جواب ايندو هو “ها! ماڻهو پيو ڳوليان!” پليجي صاحب هڪ ڀيرو عمر خيام جي رباعي ٻڌائي، جنهن ۾ خيام چئي پيو ته “اي خدا! تنهنجي هيءَ دنيا هاڻي ڪم جي ناهي رهي. دل چوي ٿي هن کي هٿ ۾ کڻي اهڙو ته زور سان پٽ تي هڻان جو ذرا ذرا ٿي وڃي!” سو سچ ته جنهن سماج ۾ هر ماڻهو ڪوڙو، مڪار، فريبي، ٺوڳي، بي ايمان ٿي وڃي اتي پوءِ خوف ۽ بک ئي جنم وٺندا آهن ۽ ان دنيا کي ڊهڻ گهرجي. ان سماج کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. ڪنهن نئين معاشري جوڙڻ ڏانهن وک وڌائجي. ڪو نئون ڳوٺ آباد ڪجي. ڪو نئون جهان جوڙجي. زندگيءَ جي ڪٿي ٻيهر شروعات ڪجي. جيون جا نوان گل پوکجن. حياتي شاد آباد ٿئي.

……. ڇو جو هر گذرندڙ وقت سان هي سماج غريب جي مٿان قرض ٿيندو پيو وڃي. قرض جي ڳالهه نڪتي ته وياج جي جڪڙ ۾ آيل ان مقروض ماڻهو جو نالو لکڻ کانسواءِ هي قبيح ڳالهه لکجي ٿي ته هن ظالم وياجيءَ جي اڳيان آخر ۾ ڌيئرن کي گروي رکي، جيئڻ لاءِ ڪجهه پئسا اڌارا گهريا هئا، پوءِ نه هن جي ڌيئرن جي عزت سلامت رهي نه هن مٿان قرض لهي سگهيو. هاڻي هو ڳوٺ جي مقام جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪچي بٺيءَ اندر ستو پيو آهي. هن جي ڌيئرن کي وري ڳوٺ ۾ ڪنهن نه ڏٺو. هو ڪيڏانهن ويون؟ ڪير به نه ٿو ڄاڻي!

زندگيءَ جي انهن تلخين ۽ تاراج ماحول ۾ ڪڏهن ماڻهوءَ کي مٽي به نصيب ناهي ٿيندي. اهڙي ٻي ڪهاڻي اميد علي جي آهي. خوشحال خطي جو هي ماڻهو هڪ ڏينهن اهڙو گم ٿيو جو هن جو جسم به نه ملي سگهيو. مسلسل ماڻهن جي مهڻن غربت جي طعنن هن کي ديس نيڪالي ڏئي ڇڏي. هن جي دوستن جو خيال آهي ته هن ساهتيءَ جي مشهور تاريخي تڳر پتڻ تان پاڻ کي درياهه شاه جي حوالي ڪيو هو. “اهو اتهاسي پتڻ جنهن تان مشهور مغل بادشاهه نصر الدين محمد همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ ڏانهن ڀڄي نڪتو ۽ سنڌ اندر رلندو، ڀٽڪندو اچي بکر کان پهتو ۽ اُتان ڪوچ ڪري سيوهڻ آيو. ان زماني ۾ سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو. هُن سنڌ جي سڀني درياهي پتڻن جي ملاحن کي حڪم ڏنو هو ته ڪو به ماڻهو معزول شهنشاهه کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي نه ڏئي. همايون، سيوهڻ کان موٽندي درٻيلي کان درياهه پار ڪرڻ ٿي گهريو. ان وقت سنڌ جي وڏي عالم ۽ درويش مخدوم نوح رحه ميربحرن کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ چيو هو ۽ همايون سنڌو درياهه پار ڪري، ساهتيءَ جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ان زماني ۾ درٻيلي جي هڪ بااثر رئيس ارباب دائود بن عمر شاهه سهتي وٽ اچي ڊاٻو ڪيو. هن بادشاهه جو گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو. “لب تواريخ سنڌ” واري انهيءَ سلسلي ۾ “تواريخ طاهري” جي حوالي سان همايون بادشاهه جو هڪ خط نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ سهتي سردار جو ذڪر ڪيو اٿس.” همايون پوءِ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. پاٽ ۾ شادي ۽ عمر ڪوٽ ۾ اڪبر جو جنم سنڌ جي تاريخ جا اڻ مٽ ورڪ آهن…… پر سائين! هي اها ساڳي سنڌ ناهي. هتي جسمن کان ذهنن ۾ ايتري ته سوڙهه ٿي وئي آهي، جو اهو سوچي ته آخر هن خطي جو ڇا ٿيندو؟ ساهه منجهي ٿو.

آخر انهن معصوم ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي پيٽ ۾ بک جي صورت دوزخ جي باهه اجهائڻ لاءِ چوريون ڪن پيا. “بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري” پر هتي ته ڳالهه ديوانگيءَ کان وڌي ڇِتي ٿيڻ تي پهچي وئي آهي. هڪ خاص طبقي کي ڇڏي باقي مسڪين ماڻهو ڪيترا پريشان آهن. اسان صرف ان مامري کي محسوس ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اتي اچي لفظ به ساٿ ڇڏيو وڃن.