سماج ۾ اڌ سچ ڳالهائڻ جو ناسُور

0
111
سماج ۾ اڌ سچ ڳالهائڻ جو ناسُور

تاريخ گواھ آهي ته دنيا جي ٺهڻ کان اڄ تائين  صرف چند انسان ئي سچ جي ڳولها ۾ رهيا آهن ۽ جيڪي سچ جي ڳولها ۾ رهيا آهن سي وڏين تڪليفن ۽ اَهنجن مان گذريا آهن، باقي سچ کي ڪوڙ ۾ بدلائڻ وارا يا سچ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ وارا، خواھ اڌ سچ ٻڌائڻ وارا هر دور ۾ گهڻي تعداد ۾ رهيا آهن.. اڌ سچ (جنهن کي مڪمل ڪُوڙ کان به خطرناڪ سڏيو ويو آهي) سو دوکيبازماڻهن هر دور ۾ پنهنجو پيشو بڻائي دنيا اڳيان يا وقت جي بادشاهن اڳيان اگهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ملڪ جا رعايت يافته ٿي پئسو ٺاهي سگهن. اهڙن ماڻهن وٽ وڏي مڪاري سان ڪُوڙ کي سچ ۾ بدلائڻ ۽ سچ کي ڪُوڙ ۾ بدلائڻ وراثت ۾ مليل هوندو آهي يعني اهو انهن جي ابن ڏاڏن جو پيشو هوندو آهي جنهن جي آڌار تي اهي ترقيءَ جون منزلون طي ڪندا رهندا آهن. مگر وقت جي لعن طعن ۽ ڦَٽڪار کان بچي ناهن سگهندا. عارضي طور هو کڻي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، وڏا عهدا، وزارتون ۽ ترقيون ماڻيندا رهندا آهن، پر تاريخ انهن کي بي نقاب ڪري بُچڙو ضرور ڪندي آهي ۽ تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري به پئي آهي. اهڙن مڪار ماڻهن جي رُوپ ۾ جيڪي رڳو ڪُوڙ تي سندرو ٻڌي پنهنجا غليظ مقصد حاصل ڪري وٺندا آهن.. افلاطُون چيو هو ته سماجن ۾ خرابي مٿان کان هيٺ تائين ايندي آهي اهو بلڪل سچ آهي .

چون ٿا ته اوڻيهين صديءَ ۾ جڏهن  يورپ کان نيون نيون گاڏيون يا ڪارون ننڍي کنڊ ۾ آيون هيون  ته سڀ کان پهرين اُهي دولتمند ماڻهن (طبقي)خريد ڪيون هيون.. انهن ۾ گڏيل هندستان جي لکنوءَ رياست جا نواب پهرين نمبر تي هيا. هڪ پاسي سندن گهوڙن جا طويلا (طنبيلا) هوندا هيا ته ٻئي پاسي گاڏين کي بيهارڻ جي جاءِ (گيراج) هوندي هئي. نوابن کي خبر نه هئي ته گاڏيون ڇا تي ۽ ڪيئن هلنديون آهن.  سو گاڏين کي هلائڻ (Drive) ڪرڻ لاءِ انهن ڊرائيور رکيا. نواب روز صبح جو اٿي هڪ نظر طويلن(طبيلن) ۾ بيٺل پنهنجي خاص گهوڙن تي وجهندا هيا ته ٻي نظر لائين ۾ بيٺل گاڏين تي وجهندا هيا (جن کي انهن جا ڊرائيور ڇنڊي ڦُوڪي ۽ صاف ڪري رهيا هوندا هيا)، نواب صاحب گهوڙن جي نوڪرن کان گهوڙن جي کائڻ پيئڻ ۽ صحت بابت پڇندا هئا ته نوڪر انهن کي(سندن گهوڙن جي باري ۾) گاھ ۽ داڻو ڍوءَ تي ڏيئي صحتمند رهڻ جي باري ۾ مطمئن ڪري ڇڏيندا هئا. ۽ ڪارن جي ڊرائيورن کان ڪارن جي باري ۾ پڇندا هيا ته ڏيو حال ڪارن جو ؟ اسان جا ولايتي ڪار ڪيئن آهن، رات جو بُک ته نه لڳي اٿن، رڙيون ته نه ڪيائون؟ ڪا بيماري سيماري ته ڪونه لڳي اٿن؟ ڊرائيور ان موقعي مان فائدو وٺندي نوابن کي ٻڌائيندا هئا ته سائين اڌ رات جو فلاڻي گاڏيءَ کي بُک لڳي جيئن ته هي گاڏيون آهن گهوڙا نه آهن جو داڻو يا گاھ کائي آرام ڪن انهن کي ته کائڻ کاءِ بُسريون، مکڻ ۽ گيھ کپي ٿو، سو رات جو اسان توهان جي راڄ جي فلاڻي فلاڻي ماڻهوءَ کان اوڌر تي اهي شيون وٺي اچي گاڏين کي کارايون، تڏهن گاڏين کي آرام آيو ۽ سندن جون رڙيون بند ٿيون نه ته اصلي بُک ۾ مُيون پيون وڃن.. سو نواب پريشان ٿيندي ڊرائيورن کان پڇڻ لڳا ته هڪ گاڏي ڪيتري جو کير، گيھ ، بُسري يا مکڻ کاڌي؟ سو اَٽڪلي ڊرائيور انهن نوابن کي چونو هڻي انهن کان اهڙي ريت به پئسه ڪڍندا هيا(تڏهن شايد ڊرائيورن تي اهو محاورو فِٽ ٿي ويو ته هڪ ڊرائيور وٽ سئو وَر.

سو پاڻ به هن جديد ٽيڪنالاجي يا مواصلاتي نظام جي طفيل اڃان ڪا اهڙي تبديلي ناهي ڏٺي بس هر ڪو اڌ سچ چئي شارٽ ڪَٽ ذريعي اڳيان وڌڻ جي چڪر ۾ پيو هٿ پير هڻي. هتي دوستيون به رُتبي ۽ پئسي کي ڏسي رکيون وڃن ٿيون، محبتون به دولت کي ڏسي ٿين ٿيون. مقصد ته زندگي جي هر وهنوار ۾ ڪوڙ، ٺڳي، دوکي، خوشامد ۽ منافقت گهر ڪري ويا آهن، هر ماڻهو تيز ۽ تڪڙو لڳو پيو آهي، هر ماڻهو کي جلدي ۾ امير ٿيڻ جي جنون چريو ۽ ڪُوڙو ڪري ڇڏيو آهي، هر ماڻهو پنهنجي پَر ۾ ڊاڙ جي هڪ فيڪٽري کڻي گهمي رهيو آهي ته مَن ڪٿي ڪو ڪُوڙ ڪا ڊاڙ ڪو اڌ سچ ڦٻي وڃي ۽ هُو راتو رات بِل گيٽس ٿي وڃن. اها راند هر پليٽ فارم تان ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا توڙي ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ بس هر ڪو پنهنجي حساب سان پنهنجو بم ڇڏي ڏي ٿو. ان لاءِ پروپيئگنڊائون به هلايون وڃن ٿيون باقاعدي ماڻهو به هاير ڪيا (رکيا) وڃن ٿا ته جيئن نَون نوابن جي جلدي ۾ چاندي ٿئي ۽ سڀني ٺڳن کي حصو پتي ملي وڃي!