تصوير ۾ نظر ايندڙ نور جوڻيجو جو 192 صفحن تي مشتمل ناول “خالي پڻي جو کاڄ” آهي، جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ، آئون بلڪل ائين آهيان، جئين سُڌير جي مرڻ کان پوءِ ويدا.!
حيران ٿيڻ گهرجي ته هن ناول جو نالو “خالي پڻي جو کاڄ” ڇو آهي؟ هي ته هڪ پيڙاءُ سان ڀريل سمنڊ آهي، جنهن ۾ ڪردار تري رهيا آهن، ۽ منظر گوتا کائي رهيا آهن، جن جي ڀرسان آرٽ جي ٻيڙيءَ لنگهي رهي آهي، جنهن ۾ ناول جو ديوتا سوار آهي.! صنفِ ناول جي ديوتا پاران آرٽ جي ٻيڙيءَ مان تخليق جي امرت ڀريل سِپ کڻي گوتا کائيندڙ منظرنگاري تي هاري وئي آهي، ۽ منظر زنده پيا آهن.! ڪهاڻي پيڙاءُ سان ڀريل سمنڊ ۾ ئي رهجي وئي آهي! پيڙاءُ جيڪو سرمائيداري ۽ ڪارپوريٽ سسٽم جي باهه سببان انسان ذهن ۾ شعور جي متحرڪ ٿيڻ سان پيدا ٿيو آهي. جنهن جو شڪار بڻجن ٿا، ويدا، سڌير، سڌير جي ماءُ ۽ عظمي، ويدا سورج جي موت ۽ پنهنجي پيءُ سان نفرت جي سمنڊ ۾ ٻڏي مري وڃي ٿي، پر ان جو وجود ناول جي توڙ زنده رهي ٿو، ڪنهن ديومالائي ناول جي هيرو ڪردار وانگر.! گمان ڪيون ٿا ته هتي ويدا انڪري هيرو آهي جو ان جو پنهنجو ڪوبه وجود ناهي، هو اصل ۾ شعوري ڪيفيت آهي ان ڪردار جي جنهن جو نالو سُڌير آهي.! سُڌير جيڪي تمام گهڻو هوشيار ڇوڪرو آهي، انڪري نه ته غريب آهي بلڪه انڪري جو هو گهڻو سوچيندو آهي.! سندس ماءُ ۽ سڌير شهر جي ريلوي لائين ايريا ۾ رهندا آهن، يونيورسٽيءَ پڙهندو آهي، پارٽ ٽائيم نوڪري پڻ ڪري ٿو، جنهن ڏينهن گهر ۾ سامان جا دٻا خالي ٿيندا آهن ان ڏينهن، سندس ذهن جي دٻن ۾ کڙڪاٽ مچندو آهي، ۽ يونيورسٽيءَ کان گسائي شاپنگ مال تي ڦل ٽائيم ڏهاڙي لڳائڻ هليو ويندو آهي. هو يونيورسٽيءَ ۾ هجي يا مال ۾ سندس ڪم سوچڻ ئي آهي! انڪري هو تمام جلدي روئڻهارڪو ٿي ويندو آهي هر ان فرد اڳيان جيڪو کيس پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿو.! ناول ۾ نازي به آهي، جنهن سماج جو عام الميو درپيش اچي ٿو ۽ هو اڌ مرڻ جو گيان ماڻي وٺي ٿي، جيڪو گيان ئي سندس پيڙاءُ آهي! ۽ هتي هڪ نواب به آهي، جيڪو شاگرد سان گڏ هڪ سياسي ڪارڪن به آهي، مارڪسسٽ ڪامريڊ آهي پر مارڪسي نظريي کي اڌورو سمجهندڙ! جنهن تي مان الائي ڇو نٿو ڳالهائي سگهان، ڇاڪاڻ ته سياسي ماڻهو پنهنجي اضافي ذهانت ذريعي ويدا جهڙي حساس ماڻهوءَ تي ذهني طور حاوي ٿي وڃي ٿو ۽ سندن ڪهاڻي جا خراب هنڌ ٿي انت ڪري ٿي! ناول ۾ هڪ ڪردار عظيم عظمي جو آهي، هو انسان آهي، جيڪو حيوانيت کي گهڻي دير برداشت نه ڪندين خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو.! ڪاڪو پٿر الائي ڇو يونيورسٽيءَ ۾ رهندو آهي! گهنٽا گهر جي ديوارن ۾ رهندڙ ڪوئا ديوارن جي ڊهڻ وقت، ڪجهه مري ويا هئا ڪجهه بچي ويا هئا، ۽ هاڻي ڪنهن ٻي هنڌ وڃي پنهنجو ٺڪاڻو اڏيو اٿن، جن لاءِ سڌير گهڻو ڪون رنو هيو جنهن ڳالھ کي بنياد بڻائي پوليس آفيسر ٿاڻي تي هروڀرو به يخي هڻي رهيو هيو.! سورج جو موت ان جي ذهني طبيعت ۾ خرابي سببان ٿئي ٿو جنهن جو تعلق اصل ۾ اڻڄاڻائي سان آهي، هو ويدا جي ڀيڻ ته آهي پر ويدا وانگر نه، ويدا ته سماج جي غير انسان تهذيبي رويي تي سياح رنگ جي علامت وانگر آهي، پر سورج ويچاري اڻڄاڻائي جو شڪار ٿي وڃي ٿي، جنهن اڻڄاڻائي لاءِ اوشو اڻڄاڻائي چيو آهي ته کيس محبت ڪيو گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي پنهنجي آهي، اوشو کان مون پڇا ڪيو هيو دادا پرايو ته ڪجهه به ناهي انڪري اسان کي محبت جو ديوتا ٿيڻ گهرجي!؟ اوشو تي ڳالهائڻ عجيب لڳندو! اچون ٿا ناول جي ڪهاڻي طرف، جيڪا پڙهندڙ لاءِ ڪتابي صورت ۾ محفوظ، مڪملتا جي جوڀن وانگر پنهنجي عجيب انداز ۾ موجود آهي، اسان ته ناول جي ڪردارن ۽ انهن جي موضوع، روين، ڪيفيتن، شعور، لوازمات، فڪري اوسر تي ڳالهائڻ لاءِ نڪتا هئاسين.!
ذهن ۾ شعوري ڪيفيتن جي مٽاسٽا وارو عمل تمام ذهني پيچيدگين کي جنم ڏيندڙ عنصر آهي، ان پيچيدگي ۾ ڪيترائي رويا هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۽ وڏي ڪشمڪش ۾ هوندا آهن، جن جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ اصل ۾ انساني ڪيفيتن تي پنهنجو اثر ڇڏڻ لاءِ هوندو آهي-
ٻي عام ڳالھ آھي ته ڪڏهن ڪڏهن انسان جي داخليت، خارجي دنيا ۾ پنهنجو مظاهرو ڪندي آهي، جنهن کي محسوس ڪرڻ انسان لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. جئين هن ناول جو مرڪزي ڪردار سُڌير آهي، ناول ۾ سُڌير شعوري صلاحيتن سان پنهنجي داخلي ڪيفيتن کي خارجي دنيا ۾ متحرڪ ٿيندين محسوس ڪري ٿو، هو ڏاهو آهي ۽ خارجي ڪيفيتن جا داخليت تي اثر وڏي گهرائي سان سمجهي ٿو، ۽ پوءِ پنهنجي وجودي عنصر ذريعي ان سموري لقاءُ کي مٿي بيان ٿيل مددي ڪردارن سامهون، بيان ڪري ٿو، ان جي اها گفتگو کيس وجود سان لاڳاپيل مختلف رشتن سان هلندي رهي ٿي، جنهن ۾ نازي، ويدا، عظمي، ڪاڪو پٿر، نواب يا سندس ماءُ شامل آهن-
شعوري ڪيفيتن ۾ تبديليءَ وارو رويو ذهني حالتن لاءِ هڪ اهڙو central دور ھوندو آھي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ذهن جي عام پيچيدگين واري حالت کان ٻيڻو ڪري وڌيڪ پيچيده ٺاهي وٺندو آهي-
تصوير ۾ نظر ايندڙ ناول اهو ناول آهي، جنهن جو پڙهندڙ تجزيي دوران ويدا جي زندگيءَ تي سوچيندي سُڌير بڻجي سگهي ٿو، بلڪل ائين جئين سڌير ايبنارمل ڪيفيتن ۾ عظمي جي موت کي لاشعور ۾ سمائي ناول جي آخر ۾ نارمل ڪيفيتن ۾ وڻن سان مخاطب ٿيندين پنهنجي جسماني لچڪ ۾ انهن جو اظهار ڪري ٿو. اها ئي ڪهاڻي جي خوبصورتي آهي، ڪهاڻي آرٽ هوندو آهي، ۽ ان ۾ ڪردار نگاريءَ تخليق هوندي آهي.! هن ناول کي سمجهڻ لاءِ اسان کي آرٽ ۽ تخليق جي تعلق ۽ تضاد کي سمجهڻ جي ضرورت پوندي. ليکڪ اگر تخليقي حوالي سان ڪمزور هوندو ته يقينن ان جو آرٽ ڀلي ڪيڏو به باڪمال هجي پر ان جو سماج تي ڪوبه اهم ڇاپ نه رهندو، پر تخليق جي مضبوطي اهڙي شئي آهي جيڪا ليکڪ کي مورخ جي حيثيت به ڏئي سگهي ٿي. مورخ اهو آهي جيڪو تاريخ جي ڪينواس تي سماج جي انهن پاسن تي پنهنجي تجزيي، فڪر، ۽ مشاهدي جي بنيادي تي نشان ڇڏي جيڪي سماج ۾ موجود هر جيوت لاءِ انصاف جي نقطه نگاهه رکندا هجن-
ناول ۾ ويدا ۽ سڌير کي ٻه الڳ ڪردار ٺاهي اصل ۾ هڪ ئي ذهن جي ٻن الڳ الڳ حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڏانھن اشارو ڪيو ويو آهي.! بلڪل ائين جئين جرمن فلاسفر (Friedrich Nietzsche) پنهنجي ڪتاب (thus spoke Zarathustra ) ۾ نانگ ۽ عقاب کي symbolically استعمال ڪري ٿو. عقاب پنهنجو گهر ناهي ٺاهيندو، ۽ نانگ بغير ميري ٿيڻ جي ئي لباس تبديل ڪندو آهي، هتي ٻن ڪردارن جي صورت ۾ انساني ذهن ۾ تبديل ٿيندڙ شعوري ڪيفيتن ۽ انهن جو الڳ الڳ انداز سان پنهنجي جوهر ۾ ڪم ڪرڻ واري لقاءُ کي بيان ڪيو ويو آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار سڌير جي صورت ۾ انساني نهج جو اهو شعوري عنصر آهي، جنهن جي هڪ ڪيفيت ويدا آهي، ۽ ٻي سُڌير پاڻ.! هي عنصر اصل ۾ انساني شعور کي سماجي جبر کان ماوراء بيان ڪرڻ لاءِ symbolically کنيون ويو آهي، ويدا ناول ۾ تخليقي ڪردار طور ته هڪ عورت آهي، پر اصل ۾ اها انساني ذهن جي اها ڪيفيت آهي جنهن کي سماج پاران دٻايو ويو آهي. هتي ڄڻ تي مصنف کي اهو واضح ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت دٻايل انساني ذهن آزاد انساني ذهن کان بنھ الڳ ٿئي ٿو ۽ ڪهڙي طرح نه؟ دٻايل ذهن ۾ شعوري عنصر ڪهڙي ريت سماجي جبر کان آزاد هجن ٿا ۽ ڪهڙي ريت جڪڙيل؟ ان کان علاوه ان ۾ فرائيڊ جي( Oedipus complex and the role of love and sexual elements in child ) جو ڇيد ڪري، اخلاقيات تي مارڪسي فڪر جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪيو ويو آهي-
ناول جو مرڪزي ڪردار سڌير ۽ ويدا ان هڪ ئي شخصيت جون ٻه two ڪيفيتون آهن، (تڏهن ئي تجزيو ڪندڙن چيو آهي ته سُڌير جو ڪردار داخليت جو مظاهرو ڪري ٿو، يا تڏهن ئي ته ناول جي اختتام ۾ ويدا باقي رهي ٿي) جيڪا شخصيت مٿين ڪهاڻي ۾ شعور جي ڪريئيشن طور وجود پذير ٿي آهي، اھا شخصيت ئي آهي جيڪا هن ناول جو پلاٽ جوڙي ٿي. هڪ ڪيفيت (سُڌير) پنهنجي جوهر جو مظاهرو تڏهن ڪري ٿي جڏهن شخصيت ٻاهرين ماحول (سرمائيدار سماج) ۾ اچي ٿي، ۽ ٻي ڪيفيت (ويدا) هر وقت شخصيت جي اندروني ماحول ۾ متحرڪ رهي ٿي! هي ٻئي ڪيفيتون انساني وجود، ذهن، رويي ۽ فڪري اوسر جي گڏيل شڪل يعني
“شعور” جي صورت ۾ واضح ٿين ٿيون. ناول پنهنجي انهيءَ ٻنهي مرڪزي ڪردارن جي فڪري اوسر جي حوالي سان واقعي ناول آهي، جنهن لاءِ سندس مصنف تمام گهڻي پيار، انصاف، ۽ تعريفن جي لائق آهي. روايتي انداز ۾ تعريف کي مان انصاف جي ليول کان تمام هيٺانهيون عمل سمجهندو آهيان، پر سوچڻ جي ڪنهن الڳ انداز سان، ڪڏهن ڪڏهن تعريف انصاف جو نتيجو به محسوس ٿيندو اٿم آهي. منهنجو مان سمجهان ٿو ته انصاف حقيقت ۾ تخليقي ۽ مسلسل جاري رهندڙ عمل آهي! پيار جي لائق اهو آهي جنھن جو تخليقي يا سماجي ڪردار پنهنجي پختگي سببان مسيحائي سمجھ جي نهج تي هجي.! اسان حقيقت ۾ تمام گهڻو پيار ان سان ئي ڪندا آهيون جنهن سان اسان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، انصاف جي نيت کان علاوه پيار ڪرڻ وارو عمل رحم، جبر يا مالڪيت جي تصور کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ نفسياتي اوزار هوندو آهي، جنهن جو استعمال ڪرڻ اسان جي اندر مئل ماڻهوءَ تي رحم ئي هوندو آهي-
مرڪزي ڪردارن (ڪردار) سُڌير ۽ ويدا جي جنم ڪهاڻي جو تخليقي پاسي کان ڪجهه ائين آهي جو ليکڪ جون شعوري ڪيفيتون جڏهن پنهنجي داخليت جي عالم ڏانھن لاڙو ڪن ٿيون ته ويدا جو جنم ٿئي ٿو، ۽ جڏهن خارجيت ڏانهن لاڙو ڪري ٿو سُڌير پيدا ٿئي ٿو.! اهڙيءَ طرح سڌير جئين ته ظاهري طور تي خارجيت جو واسي آهي، پر باطني طور داخليت ۾ ئي رهي ٿو، اهڙي طرح ليکڪ جو نفسياتي ڪردار سُڌير خارجيت مان چڪر هڻي ٿڪجي اچي شعوري دنيا ۾ موجود گهاٽي بڙ جي وڻ سان ٽيڪ ڏيئي اکيون بند ڪري ٿو، ۽ ان گهڙيءَ سندس داخليت متحرڪ ٿئي، ۽ هو ويدا بڻجي وڃي ٿو.!
ڇاڪاڻ شعور ٿڪجي پوڻ جي صورت ۾ ننڊ ناهي ڪندو بلڪه پنهنجي ڪيفيتن کي تبديل ڪندو آهي.!
1 (Aristotle) In his work “De Anima”
2 (René Descartes) ” includes the concept of mind-body dualism”
3 (David Chalmers) “explores the nature of consciousness”
ڪردارن کي اھڙيء علمي ۽ فلسفياڻي انداز سان تخليق ڪرڻ جو ڪم عام ليکڪ نٿو ڪري سگهي، بالخصوص ادبيءَ دريا جي موج جو اصطلاح کڻندڙ ليکڪ، بلڪه ان جي برعڪس اهو ڪم تخليقي سمنڊ جي تشبيھ جي حقدار ليکڪن جو آهي، جنهن ۾ نور جوڻيجو، رسول ميمڻ، آغا سليم، غلام رباني آگرو جهڙا عظيم مصنف شامل آهن.!
هن ناول ۾ مصنف پاران سرمائيداري capitilism، ۽ ڪارپوريٽ نظام corporate system جي ور چڙهيل سماج جي پلاٽ تي شعوري صلاحيتن Cognitive abilities جي بنيادي پهلوئن تي تخليقي انداز سان ڪم ڪيو ويو آهي. ڪيڏو نه باڪمال هوندو اهو ناول جنهن ۾ چوٿين جنس جو ذڪر ٿئي! ۽ مضبوط ڪردارن پاران چوٿين جنس جو ذڪر ڪندين اهو چتاءُ ڏنو ويو هجي ته سماج ۾ موجود ٽنهي جنسن کان خطرناڪ اها چوٿين جنس آهي، جيڪا سوچ ۽ زبان تي ضابطو رکڻ جو شعور رکندي هجي. يقينن سوچ ۽ زبان تي ضابطو، جبلي خواهشن کان ماوراء فڪر رکندڙ ماڻهوءَ جو ئي ڪم آهي.!
اهو ناول ڪيڏو نه خوبصورت هوندو جنهن ۾ دوستي ۽ محبت جي فرق کي بيان ڪرڻ لاءِ انهن تعلقاتن کي social relationship کان الڳ ڪسوٽي تي رکي پرکيو وڃي! ناول ۾ ڪردارن جي ڊائلاگز يا ليکڪ جي ٿرڊ نيريٽِو انداز سان ناول جي ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي حالتن کي سهيڙيندين انساني ذهن ۾ شعوري صلاحيت جي موجودگيءَ، ان ۾ اوسر، ان جي متاثر ٿيڻ واري نفسياتي پهلوئن، سان گڏوگڏ انهن صلاحيتن کي سماجي ڍانچي جي اثرن کانپوءِ جي حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي. يعني سرمائيداراڻو نظام ڪهڙي ريت سماج ۽ فرد کي طبقاتي ورڇ جي بنا تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿو، ۽ سماج ڪهڙي ريت ان کي ترقيءَ ڏياريندي فطرت سان جنگ جو مظاهرو ڪري ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪهڙي ريت سندس پيڙاءُ ۽ ڀوڳنائن جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. سرمائي جي سموري راند ۾ سرمائي کان محروم انسان ڪهڙي ريت نالي ۾ گهمندڙ ڪيڙي جي حالت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ان کان علاوه ڪئين انسان جڏهن پاڻ ۾ موجود شعوري صلاحيتن کي سمجهڻ کان پوءِ انهن جو فطرت جي اصولن مطابق مظاهرو ڪري غير معمولي انداز سان زندگيءَ کي ڪي انوکا ۽ نوان رخ ڏئي ٿو! جيڪي رخ ان سرمائيداراڻي نظام جي جبر اثرن کان محفوظ بڻائن ٿا، ٿا ۽ هو پاڻ ۾ موجود شعوري ڪيفيتن کي سماجي المين کان مٿانهون محسوس ڪندين حساسيت سان زندگيءَ گذاري ٿو جهڙن موضوعن کي ناول جو پسمنظر ۾ ڪم آندو ويو آهي.!
انسان ۽ ماڻهوءَ سرمائيداراڻي نظام ۾ ڪهڙي ريت دولت جي هيئت کي face ڪري ٿو؟ باشعور فرد ڪهڙي طرح سماجي زاوين کان ماوراء ذهني ڪيفيتن ۾ مبتلا هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو غير معمولي اعمال يا ايبنارمل حرڪتون ڪري ٿو!؟ محبت، دوستي يا ٻي ڪو سماجي رشتي کي سرمائيداراڻي نظام ۾ ڪئين ڏٺوء ويندو آهي ۽ باشعور ماڻهوءَ وٽ انهن جا اصول، قدر ۽ معيار ڪهڙو هوندو آهي؟ ٻن باشعور فردن وچ ۾ ذهني هم آهنگي ڇا آهي، جيڪا سماجي جوڙجڪ مان پيدا ٿيل اصولي رشتن کان ڪهڙي ريت الڳ انداز سان عمل ڪري ٿي؟ عورت مرد کان ڪهڙي ڪسوٽي تحت مختلف آهي يا ناهي؟ غربت ڪهڙي ريت تهذيبي عنصر کي نقصان پهچائي ٿي؟ انهن شعوري سوالن جو مجموعو آهي هي ناول جنهن ۾ شعوري، غير شعوري ۽ لاشعوري، وجدانيت، پيڙاءُ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ذهني ڪيفيت، مسيحائي جذبي واري ذهني ڪيفيتن، ۽ مجذوبيت سان وابسته ذهني ڪيفيتن جي روشنيءَ ۾ ناول جي ڪهاڻي سفر ڪري ٿي-
ڪجهه پڙهندڙن جو رايو آهي ته ناول جو مصنف وجوديت جي فلسفي جي اثرن ۾ مبتلا آهي، ۽ ان جا مرڪزي ڪردار داخليت جو شڪار آهن. انهيءَ حوالي سان مان چوندس ته ائين آهي پر صرف ائين ناهي!
بلڪل ليکڪ وجوديت جي فلسفي جي ڄاڻ رکي ٿو، پر هو ان جي اثرن ۾ ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شئي جي اثرن ۾ اچڻ ۽ ان کي سمجهڻ به ٻه الڳ ۽ واضح شيون آهن- ليکڪ هتي third person narrative سان ڪردارن جي ڪنڊيشنز، ناول جي منظرنگاري، ۽ ڪهاڻي کي سهيڙيندين پنهنجي ڳالھ اهڙي انداز سان ڪري رهيو آهي جو پڙهندڙ ڪٿي به اهو محسوس نه ڪندو ته ڪنهن به طرح هو پنهنجي تخيلقي ڪردار جي نظريي جي ترجماني ڪري رهيو هجي. ڪردارن جون ظاهري ڪيفيتون ليکڪ بيان ضرور ڪري ٿو پر ڪردار پنهنجي فڪري اوسر جو مظاهرو خودرو ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي زنده آهن- ناول ۾ ڪردار نگاريءَ جي مضبوطي لاءِ تعين ڪرڻ آسان ناهي، ان لاءِ اسان کي هڪ خاص ڪسوٽي مقرر ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، جنهن ۾ آرٽ، تخليق ۽ فڪر گڏيل صورت ۾ پنهنجو اظهار بغير ڪنهن ٽڪراءُ جي ڪري سگهن. ڪردار نگاريءَ جي مضبوطي لاءِ تخليقي ڪسوٽي تي پرچ ڪرڻ ائين به درست آهي ته ڪهاڻي ۾ ڪو ڪردار مري وڃي ته ليکڪ کي خدا هجڻ جو احساس ٿيڻ لڳي! ۽ پڙهندڙ پاڻ کي تاريخ جو ماتمي سمجهڻ لڳي! ۽ هو ان ڪردار جي موت تي ناول جي مضبوطي ۾ جهٽڪو محسوس ڪرڻ بجاءِ، ان جي ئي سحر ۾ ٻڏل ڪيفيتن کي پنهنجي مٿان حاوي محسوس ڪري، انهن کي منتشر ڪرڻ لاءِ سگريٽ ڏانهن متوجہ ٿئي! ايتريقدر جو سگريٽ خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي lunch جا پئسا به دڪاندار حوالي ڪرڻ ۾ ذرو به دقت محسوس نه ڪري، اها به ناول جي ڪاميابيءَ آهي، پر فقط اها ڪاميابيءَ ئي ناهي.! اها ناول جي ڪاميابيءَ انڪري آهي جو ان جي تخليق جو سحر پڙهندڙ جي ذهن تي ايتريقدر حاوي ٿي وڃي ٿو جو پڙهندڙ پنهنجي ذات جي جبلتن تي فوقيت حاصل ڪري وٺي ٿو، ۽ اسان سمجهون ٿا انسان ذهن تي انساني تخليق جو سحر فطري جبلتن کان وڌيڪ فوقيت حاصل ڪري رهيو هجي، جئين انسان، انسان هجڻ تي فخر ڪري سگهي.!
پُرتجسس ليکڪ Curiositielist writer جي ڪهاڻي ۾ ڪردار جي زندھ يا مرده هجڻ جي تعين لاءِ اسان کي ڪردار جي ماحول ۽ ان سان سندس جي روين تي غور ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. آرٽ جي اصولن کان واقف ليکڪ منظرنگاري ۾ جان رکڻ تي شعوري طور ڪوشان هوندو آهي، ته جئين هو ان آرٽ جي پلاٽ تي تخليق کي لاهي سگهي!
گاهه جي تازگي، ۽ ان جو اچانڪ سڙي وڃڻ، وڻن جو رقص، ۽ وڻن جي واڍ جو انسان جي معاشي ترقيءَ سان تعلق، ماڻهوءَ جي چهري تي تاثرات جو اچانڪ بدلاءُ، رات جي اونداهيءَ ۾ آوازن جي خودڪشي پر ماحول ماتم جي برعڪس، هي سڀ شيون انسان جي ذهن کي تجسس جي ڌارائن ۾ وهائڻ لاءِ وجود پذير ٿين ٿيون. ۽ فطري طور تي، يا چئون ته فطرت کي ٽوڙي اوسر ماڻيندڙ، تخليقي صلاحيتن سان سرشار ليکڪ تجسس جي پنڌ جا پهريان پانڌيئڙا هوندا آهن. جيڪي اهو سفر مڪمل ڪري ان کي ڪتابن ۾ درج ڪري ماڻهوءَ کي تجسس جي پنڌ تي هلڻ لاءِ اڪسائيندا آهن. انهن ليکڪن جا ڪردار اهڙا هوندا آهن، جيڪي سماج کان مٿانهين هنڌ تي بيهي ان کي جانچڻ جو مراقبو ماڻي چڪا هوندا آهن. اهي ئي هوندا آهن جيڪي سماج جو درست نموني سان تجزيو ڪري سگهندا آهن، اهي ڪردار ئي هوندا آهن جن جي مدد سان اسين انهن شين کي سمجهي سگهندا آهيون جيڪي بظاهر نظر ناهن اينديون، پر انهن جو ڪردار ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثرائتو هوندو آهي. اهي ڪردار ئي هوندا آهن جن جي روين ۾ ارڏائيون هونديون آهن، ۽ چهرن جي تاثرات تي تجسس ۽ سنجيدگيءَ تاري رهندي آهي. اهي ڪردار اسان کي تجسس، سنجيدگيءَ ۽ ارڏائپ جي تعلق کي چهرن جي تاثرن مان واضح ڪري ڏيندا آهن. تجسس سنجيدگيءَ کي جنم ڏئي ٿو، ۽ سنجيدگيءَ هڪ طرح جي ارڏائپ آهي جيڪا ڪنهن ۾ به ڪا کوٽ ڏسي ان جو گريبان پڪڙڻ ۾ دير ناهي ڪندي، پوءِ اها خرابي، گروهه ۾ هجي فرد ۾ هجي سماجي ۾ هجي يا ديوتائن جي تصورن ۾، اُهي سنجيدگيءَ ۽ تجسس جي سير مان لنگهي ارڏائپ ماڻيندڙ ڪردار انهن جو گريبان پڪڙي سندن پاڻ سان وابسته ڪرائي ڇڏيندا آهن. ذهني طور تي ناچاڪ، نابالغ سماج ۾ فرد جي داخلي ڪيفيتن جو اظهار گروهي نفسيات يا اجتماعي شعور جو موضوع ئي ناهي هوندو، جڏهن ته اهو مڃيل اصول آهي ته گروهي نفسيات ۾ بگاڙ جو واحد سبب اهو عنصر (فرد جي داخليت) ئي آهي، فرد جي داخليت جي معاملن ۾ ان سان جبري رويو ئي گروهه ۾ بغاوت جو باعث بڻبو آهي. نابالغ سماج ۾ گروهه پاران فرد جي پيڙاءُ کي سمجهڻ کان پوءِ ان لاءِ هڪ مخصوص ماحول جوڙڻ جي خيال کي غير تهذيبي يا گروهي اصول جي خلاف سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ فرد جو پيڙاءُ ئي آهي جيڪو گروهي نفسيات جي مقصديت جو تعين ڪري ٿو ۽ فرد کي گروهي ئي شڪل ۾ رهڻ جا خيال مهيا ڪري ٿو، گروهه جي دفاع لاءِ اتساهي سگهي ٿو.!
ناول ۾ اختتام وقت ڪردار نگاريءَ جي صورت ۾ اها ڪيڏي نه خوبصورت مڪملتا آهي، جو هڪ ڪردار جي حالت، طبعيت، ۽ ڪيفيتن ۾ ٻيا سمورا ڪردار سمائي ڪهاڻي جي اختتام کي منطقي هنڌ انجام تي پهچايو وڃي، هن ناول جي پڄاڻي ڪيڏي نه لڀائيندڙ آهي جنهن ۾ ناول جي ڪهاڻي، فڪر، مقصديت ۽ منظر نگاري هڪ ئي ڪردار ۾ عيان ٿي پون ٿا، ۽ اهو ڪردار انهن سڀني شين سان گڏ پنهنجي زندگيءَ جي انت کي ڇهي رهيو آهي، جنهن جو ظاهري انت کان پوءِ ان جي داخليت باقي رهي ٿي جيڪا، پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي وڃي ٿي.!
بلڪل ائين جئين سُڌير جي مرڻ کان پوءِ ويدا.!
اي بي ڀرڳڙي