سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدارن طرفان ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٽرائل ڪورٽ کي فريادي ۽ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري رپورٽ ٻن هفتن اندر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عدالت ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ مبينا جنسي تشدد سبب فوت ٿي ويل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار سيد اسد شاهه ۽ سيد فياض حسين شاهه طرفان داخل ڪرايل ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي سنگل بئنچ جسٽس امجد علي ٻوهيو جي عدالت آڏو مقتولا فاطمه ڦرڙو جي والده شبنم ڦرڙو ۽ والد نديم ڦرڙو جوابدار اسد شاهه جي خاندان جا ڀاتي ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا، ان دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد معزز عدالت ٽرائل ڪورٽ کي فريادي ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪري 15 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي 7 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ٻاهران مقتولا فاطمه ڦرڙو جي والدين نديم ۽ شبنم ڦرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس هلندڙ آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، جوابدارن سان ڪو ٺاهه ناهي ڪيو، ڏکوئيندڙ واقعي کانپوءِ جن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن آخري وقت تائين گڏ رهڻ جو وچن ڪيو هو، اهي سڀ ساٿ ڇڏي ويا آهن، پر پوءِ به حوصلو ناهي هاريو.