سماجي ترقيءَ جا ست پيمانا

0
33
سماجي ترقيءَ جا ست پيمانا

ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جا ڪي بنيادي پيمانا هوندا آهن جن جي معيار تي پرکڻ سان خبر پئجي ويندي آهي ته اهو سماج خوشحال بڻجي رهيو آهي يا بدانتظامي، ڪرپشن ۽ بيحسي سبب تباهيءَ جي راهه تي روان دوان آهي. سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ جڏهن انهن پيمانن جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته حالتون انتهائي خراب نظر اچن ٿيون. اهي ست بنيادي ادارا يا پيمانا هيٺيان آهن:

  1. تعليم کاتو 2. صحت کاتو 3. لوڪل گورنمينٽ 4. پوليس کاتو 5. روينيو کاتو 6. عدالتي نظام 7. صنعتي ۽ زرعي کاتو.

اهي سڀ ادارا سڌو سنئون عوام جي روزمره زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن انهن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ئي سماج جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته  سماج ترقي يا تنزلي جي ڪهڙي معيار تي بيٺل آهي.

* تعليم: سڌريل ملڪن جهڙوڪ فنلينڊ، جاپان ۽ جرمني ۾ تعليم کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏني وئي آهي. فنلينڊ ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ دٻاءُ بدران سکڻ کي لطف انگيز بڻايو ويو آهي. استاد معاشري جو معزز ترين طبقو آهن. ان جي ابتڙ سنڌ جي حالتن تي نظر وجهبي ته لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو اسڪولن ۾ استاد ئي غير حاضر آهن بنيادي سهولتون جهڙوڪ پاڻي، بيت الخلاءُ، بجلي ۽ فرنيچر موجود  نه آهي. نتيجي ۾ لکين ٻار تعليم کان محروم آهن.

* صحت: برطانيا جو “نئشنل هيلٿ سروس”(NHS)  عوام لاءِ مفت ۽ معياري علاج فراهم ڪري ٿو. سويڊن، ناروي ۽ ڪيناڊا ۾ صحت جي شعبي ۾ سرڪاري سيڙپڪاري عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪئي وڃي ٿي پر سنڌ جي اسپتالن ۾ حالت اها آهي جو دوائون موجود ناهن، ڊاڪٽر غير حاضر آهن ۽ صفائي جو نظام ناڪاره آهي ٿرپارڪر جهڙن علائقن ۾ هر سال ڪيترائي ٻار بک، پاڻي جي کوٽ ۽ بيمارين سبب فوت ٿين ٿا.

* لوڪل گورنمينٽ: سڌريل ملڪن جهڙوڪ سوئٽزرلينڊ ۾ مقامي حڪومتن کي زبردست خودمختياري حاصل آهي. ننڍن مسئلن جا حل مقامي سطح تي ئي ڪيا وڃن ٿا. پاڪستان ۾، خاص ڪري سنڌ ۾، لوڪل گورنمينٽ صرف اليڪشنن تائين محدود رهي آهي. ڪائونسلرن ۽ چيئرمينن جي فنڊن جو ڪو حساب ناهي ته اهي ڪٿي ٿا خرچ ٿين، ڪو احتساب جو نظام ناهي، ترقياتي رٿائن جو ڪو پتو ناهي عوام کي بنيادي ضرورتون ميسر ناهن.

* پوليس کاتو: سڌريل ملڪن ۾ پوليس عوام جي حفاظت لاءِ هوندي آهي. نيوزي لينڊ ۽ ناروي جي پوليس وٽ ته هٿيار به ڪونه هوندا آهن ڇو ته اتي امن امان جو نظام بهتر آهي. پر سنڌ ۾ پوليس طاقتور جي خدمتگار بڻيل آهي. بيگناهن تي ڪوڙا ڪيس، سياسي مخالفن تي تشدد ۽ رشوت جي بنياد تي انصاف جو معيار طئي ٿئي ٿو.

* روينيو کاتو: سنڌ ۾ زمين جي مالڪي، وراثت، ۽ آبادگارن جا مسئلا روينيو کاتي جي نااهلي سبب حل نه ٿا ٿين ڪرپشن عام آهي غريب آبادگارن جا کاتا ته ايئن مٽجي ٿا وڃن جو سندن ملائڪن کي به خبر نٿي پوي. جڏهن ته فرانس ۽ جاپان جهڙن ملڪن ۾ آن لائين ريڪارڊ، شفاف سسٽم، ۽ بر وقت سروس جي ضمانت ۽ سهولت موجود آهي.

* عدالتي نظام: سويڊن، ڊنمارڪ ۽ جرمني ۾ عدليه جي آزادي يقيني آهي. عام ماڻهو کي بروقت انصاف ملي ٿو. پاڪستان ۾ هڪ ڪيس نسل در نسل هلي سگهي ٿو. ملزم قيد ڪاٽيندي مري ٿو وڃي، پوءِ فيصلو ٿو اچي ته ملزم بيگناه هو، وڪيلن جي هڙتال، ججن جي گهٽتائي ۽ ڪرپشن سبب انصاف رڳو طاقتور جي حصي ۾ اچي ٿو غريب ڀٽڪي ڀٽڪي مري ٿو وڃي.

* صنعت ۽ زراعت کاتو:

چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ جرمني جهڙن ملڪن پنهنجي صنعتن جي زور تي عالمي معيشت سان مقابلو ڪري رهيا آهن انهن ملڪن ۾ زرعي پاليسيون جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل آهن. سنڌ ۾ نه صنعتن جي واڌاري لاءِ ڪو حڪومتي ڪم نظر اچي ٿو نه ئي آبادگارن کي وقت تي پاڻي، ٻج، يا اگهه ملي ٿو. ننڍا زميندار وڏن زميندارن ۽ مارڪيٽ مافيا جي رحم و ڪرم تي آهن.سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 16 سالن کان اقتدار ۾ آهي. جيتوڻيڪ نظرياتي سطح تي اها پارٽي عوامي آهي، پر عملي طور تي ان جي حڪومت عوامي ادارن جي تباهيءَ جو سبب بڻي آهي اهي ئي ست ادارا جيڪي ڪنهن به سماج جي ڪرنگھي جي هڏي آهن، اڄ مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي چڪا آهن. مثال طور، تعليم ۽ صحت لاءِ هر سال اربين روپيا رکيا  وڃن ٿا، پر نتيجو ٻڙي آهي. ٻئي طرف حڪومتي نمائندن ۽ انهن جي چيلن جي ملڪيتن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌارو ٿيندو پيو وڃي. کين ٻاهرين ملڪن جا سفر ۽ جديد گاڏين جا قافلا ظاهر ڪن ٿا ته ڪرپشن  هن ملڪ جو هڪ منظم نظام بڻجي چڪي آهي.

عوامي لاتعلقي:

عجيب صورتحال آهي جو ادارا تباهه ٿين پيا، حڪمران امير بڻجن پيا، پر عوام خاموش آهي نه ڪو احتجاج آهي نه ڪا تحريڪ آهي. هي به ڪينالن خلاف جيڪا جدوجهد ٿي آهي، ان ۾ عوام پنهنجي ڪاوڙ جو ڀرپور اظهار ڪيو، جنهن سان حڪومت کي ڪينالن بابت پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻو پيو. جيڪڏهن اهڙي جدوجهد برقرار رهي ته سماج بهتري طرف وڌندو. جنهن سماج مان سوال ڪرڻ ۽ احتساب جي گهرج ختم ٿي وڃي ٿي، اهو سماج قبرستان بڻجي وڃي ٿو. سڌريل دنيا ۾ ننڍن مسئلن تي به عوام روڊن تي اچي ويندو آهي، پر هتي ماڻهن جي زندگي ختم ٿي وڃي ٿي ته به خاموشي ڇانيل آهي.

جيڪڏهن سنڌ کي واقعي ترقيءَ طرف وٺي وڃڻو آهي ته پوء انهن ستن ادارن کي ترجيحي بنيادن تي سڌارڻو پوندو. تعليم، صحت، انصاف، ۽ روزگار شهرين جا بنيادي حق آهن. اها ڪا خيرات ناهي جو پني وٺجي. اهي حق آهن نه ملن ته کسي وٺبا آهن.