پوري دنيا ۾ جڏھن عالمي معيشت زراعت تي مڪمل انحصار کان صنعتي انقلاب طرف ٻرانگهون کڻي رھي ھئي ته ان وقت پورھيتن جي بنيادي حقن لاءِ شعور ۽ جدوجھد ۾ پڻ اضافو ٿي رھيو ھو. بسمارڪ جي سربراھيءَ ۾ جرمني پورھيتن جي ڀلائيءَ لاءِ قانون سازي ڪرڻ ۾ اقوامِ عالم کان گوءِ کڻي 1880ع واري ڏھاڪي ۾ لڳاتار صحت، حادثن ۽ پيرسنيءَ ۾ تحفظ متعلق ٽي قانون منظور ڪيا. شڪاگو واري تحريڪ کانپوءِ مزدورن مٿان ظلم ۽ ناانصافيءَ جا ڪارا ڪڪر گھٽجڻ لڳا ۽ عالمي برادري مزدورن جي مسئلن تي پھريون دفعو سنجيدگيءَ سان غور و فڪر ڪرڻ شروع ڪيو. مزدورن جي پرزور آواز جي پڙاڏي طاقت جي ايوانن کي ڌوڏي ڇڏيو ھو. سندن مطالبن ۾ پورھيتن جي استحصال جو خاتمو، مناسب اجورو، ڪم واري جڳھه تي صحتمند ماحول، پورھئي جي لاءِ مناسب وقت جي مقرري ۽ آجر ۽ پورھيت جي وچ ۾ مناسب ۽ باوقار لاڳاپا قائم ڪرڻ ھو. پورھيتن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ 1919ع ۾ بين الاقوامي پورھيت تنظيم (ILO) وجود ۾ آئي، جنھن مزدورن جي حقن جي مڃتا ڪندي قانون سازي ڪري ميمبر ملڪن کي مجبور ڪيو ته ھو پنھنجي پنھنجي ديس ۾ مزدورن جي ڀلائي، مناسب اجرت ۽ انھن جي ڪم ڪرڻ جا وقت مقرر ڪري ۽ بهتر ماحول ڏيڻ کي يقيني بڻائين.
گريٽ ڊپريشن واري ڏھاڪي کانپوءِ پورھيتن جي حقن کانسواءِ سندن لاءِ سماجي تحفظ جي عدم موجودگيءَ پورھيتن جي خاندانن کي بيماري ۽ لاچارگيءَ جي صورت ۾ وڌيڪ پيڙھي ڇڏيو ھو. ان ڳالھه جي شدت سان ضرورت محسوس ڪئي وئي ته پورھيتن جي لاءِ بيماري، لاچارگي ۽ پيرسنيءَ جي صورتحال ۾ سندن لاءِ سماجي تحفظ واريون اسڪيمون متعارف ڪرائجن ته جيئن انھن کي صحت جي سھولتن سان گڏوگڏ مالي تحفظ به مھيا ڪجي.
هونئن ته غربت گهٽائڻ جا پاڪستان سرڪار انيڪ منصوبا جوڙي رکيا آھن پر مزدورن ۽ انھن جي ڪٽنبن کي سماجي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪري سن 1965ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي سماجي تحفظ واري اسڪيم کي بين الاقوامي پورھيت تنظيم جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو. ۽ مارچ 1967ع تي ان کي ويسٽ پاڪستان ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي جي نالي سان حاضر پورھيتن جي صحت ۽ مالي سھائتا لاءِ قائم ڪيو ويو ۽ رٽائرڊ پورھيتن لاءِ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ نالي الڳ ادارو قائم ڪيو ويو. سوشل سيڪيورٽي وارو ادارو ون يونٽ تائين وفاقي سطح تي ڪم ڪندو رهيو. ون يونٽ جي ٽُٽڻ بعد پهرين جولاءِ 1970ع تي ان کي صوبائي حيثيت ڏئي خودمختيار بڻايو ويو، جنهن تحت سنڌ ۾ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (Sindh Employees’ Social Security Institution وجود ۾ آيو. ابتدائي طور تي اها اسڪيم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي علائقي ۾ موجود ڪپڙي جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڙي وئي، جنهن جي ڪاميابيءَ بعد ان کي صوبي اندر ٻين صنعتن ۽ واپاري سطح جي ڪاروبار تائين وڌايو ويو، اداري جي بهتر ڪارڪردگيءَ جي ڪري ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان اسڪيم کي پوري سنڌ ۾ ضلعي سطح تائين وڌائي ڇڏيو ۽ ان کي سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي سان جوڙيو ويو. ان اداري جي قيام جو مقصد پورھيتن ۽ انھن جي سموري خاندان کي مڪمل طور تي صحت جون سھولتون ڏيڻ ۽ اھنجي وقت ۾ سندن مالي مدد ڪرڻ ھو ته جيئن ھو عزت ڀري زندگي گذاري سگھن، غربت جي لڪير کان ھيٺ اچي پيڙا ڀري زندگيءَ جو شڪار نه ٿين.
سنڌ جو پورھيتن لاءِ جوڙيل سماجي تحفظ وارو ادارو، جنھن کي سيسي (SESSI) چئجي ٿو، ھڪ خودمختيار حيثيت ۾ ڪم ڪري ٿو. سندس ڪم ڪار کي هلائڻ لاءِ هڪ گورننگ باڊي جوڙيل آھي. جنهن ۾ آجر ۽ مزدور تنظيمن جي نمائندن کي وڏي انگ ۾ شامل رکيو ويو آھي، ته جيئن پورھيتن جي ڀلائيءَ جا فيصلا سندن ئي نمائندن جي ھٿن ۾ ھجن. گورننگ باڊيءَ جو چيئرمين سنڌ جي محنت ۽ انساني حقن واري وزير کي بڻايو ويو آھي. سنڌ حڪومت مزدورن جي فلاح بهبود جي حوالي سان پاليسي جوڙيندي آهي. جنهن تي سوشل سيڪيورٽي جي گورننگ باڊي، جنهن جو سيڪريٽري اداري جو ويهين گريڊ جو ڪمشنر هوندو آهي، سو عمل ڪرائيندو آهي. ھي ادارو مزدور ۽ ان جي خاندان جي لاءِ صحت جي سھولتن تي پنهنجي بجيٽ جو 70 سيڪڙو خرچ ڪندو آهي.
سوشل سيڪيورٽي اسڪيم تحت سنڌ جي پورهيتن کي علاج جون هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، جنهن ۾ ننڍي وڏي بيماري، ايڪسيڊنٽ، فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هٿ پير جي زخمي ٿيڻ يا ڪٽجي وڃڻ، معذور ٿي وڃڻ، عورتن جي ويم ۽ عدت دوران مالي فائدا، گريجوئيٽي، ايڪس گريشيا گرانٽ، مزدور جي فوتگيءَ جي صورت ۾ ان جي ڊيٿ گرانٽ، وارثن کي پينشن ۽ تعليم جون سهولتون ڏنيون وينديون آهن. مزدور جي رٽائرمينٽ جي صورت ۾ ان جي پينشن، پورهيتن جي ٻارن جي پرائمري کان اعلى تعليم تائين مفت سهولت، اسڪالرشپس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. فيڪٽريءَ ۾ ڪم دوران حادثي جي صورت ۾ مزدور کي انشورنس به فراهم ڪئي ويندي آهي. اها سهولت انهن مزدورن کي ملندي آهي. جيڪي فيڪٽريءَ ۾ رجسٽر هوندا آهن، ۽ انهن جا مالڪ ان مزدور جي سرڪار جي اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حساب سان 6 سيڪڙو فراهم ڪندا آهن. رجسٽرڊ مزدور کي بينظير مزدور ڪارڊ ڏنو ويندو آهي، جنهن تحت هو ميڊيڪل جي سهولت حاصل ڪندو آهي.صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تعلقي ۽ ضلعي سطح تي 42 ڊسپينسريون ۽ 6 وڏيون اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. جتي مزدورن کي هر قسم جون طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته گردن جي علاج لاءِ ڪڊني سينٽر (اسپتال) ۽ ڪلثوم وليڪا بائي اسپتال ۾ ڪينسر جو وارڊ به کوليو ويو آهي. جڏهن ته هاڻ ڪراچي ۾ سوشل سيڪيورٽي جي نالي تي تمام جلد هڪ مڪمل ڪينسر اسپتال کولي پئي وڃي. جنهن ۾ سوشل سيڪيورٽي جي مزدورن کانسواءِ ٻين عام ماڻهن جو به علاج شروع ڪيو ويندو.
سنڌ ۾ ٽيڪسٽائل، ڪيميڪلز، لوھ جي فيڪٽرين سميت کاڄرو سامان تيار ڪندڙ فيڪٽريون، پيداواري صنعتون جيڪي 28 صنعتي زونز ۾ ڦهليل آهن، انهن مان گهڻي ڀاڱي ادارا ڪراچي ۾ آهي. جتي لکين مزدور ڪم ڪن ٿا. پر هن وقت تائين سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جا ڪي به واضح انگ اکر موجود ناهن. جنهن سبب فيڪٽري مالڪان پنهنجا پيسا بچائڻ لاءِ مزدورن جي گهٽ رجسٽريشن ڪرائين ٿا ۽ اڪثر ڪري ٺيڪيداري نظام تحت ڏهاڙي تي مزدورن کان پورهيو ڪرائي ڪجهه مهينن بعد انهن کي ڪڍي ڇڏيندا آهن. بعد ۾ نوان مزدور آڻين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ پورھيت سماجي تحفظ حاصل ڪرڻ کان رھجي وڃن ٿا. سوشل سيڪيورٽي ۾ هن وقت تقريبن 767,000 ورڪر رجسٽرڊ آهن. جڏهن ته مزدورن جي گهڻي انگ کي اڃان رجسٽر ڪرڻ باقي آهي. سموري سنڌ ۾ رھيل مزدورن کي رجسٽر ڪرڻ جو عزم کڻي اداري جا ملازم، روينيو کاتي جي سھڪار سان تعلقي جي سطح تي سجاڳي ڪئمپون ھڻي مزدورن ۽ خاص طور تي گهريلو مزدورن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري کين سماجي تحفظ جي ڌارا ۾ آڻڻ جو پڪو پھه ڪري سندرا ٻڌي ميدان ۾ لٿل آھن. ان لاءِ سنڌ سرڪار جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه جون روينيو کاتي ۽ سيسي کي خاص ھدايتون ۽ سھڪار مليل آھي، ته جيئن وڌ کان وڌ مزدورن کي رجسٽر ڪري سندن ڪفالت ۽ مالي سھائتا ڪري سگهجي. پھريون دفعو سيسي اھڙن پورھيتن کي به سماجي تحفظ جي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي پيو، جيڪي گهر ويٺي ڪنهن به صنعتي سرگرميءَ جو حصو ٿين ٿا ۽ ڪنھن به طريقي سان انھن کي محنت جي نتيجي ۾ مالي معاوضو وصول ٿئي ٿو، اھي پڻ ماھوار 1500 رپيا ڏئي سيسيءَ طرفان کين مقرر ڪيل سھولتون حاصل ڪري سگهن ٿا. ان ڏس ۾ سنڌ جو محنت ۽ انساني وسيلن وارو کاتو انھن پورهيتن جي رجسٽريشن پڻ ڪري رھيو آھي.
سنڌ جي محنت ۽ انساني وسيلن جي وزير شاھد عبدالسلام ٿهيم صاحب جي سربراھيءَ ۾ اداري ۾ گھڻي ھلچل شروع ٿي وئي آھي، جنھن جو مقصد پورھيتن کي بهتر کان بهتر صحت جون سھولتون ڏيڻ ۽ صوبي اندر صحت جي سهولتن جو ڄار وڇائڻ آھي. ان ڏس ۾ هفتو کن اڳ سکر ۾ 25 بسترن جي اسپتال جو بنياد وڌو ويو. جنھن جو افتتاح وزير محنت پاڻ ڪيو. جنھن کانپوءِ وچن ڪيو ويو آھي ته جلد ڏھرڪيءَ ۾ ميڊيڪل سينٽر، لاڙڪاڻي ۽ مٺيءَ ۾ ڊسپينسري قائم ڪئي ويندي. وزير محنت ڪراچيءَ ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪا نه صرف پورھيتن پر سنڌ جي ٻين مريضن جو پڻ علاج ڪندي. ان اسپتال کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ ھلايو ويندو. سيسيءَ جي صحت وارين سھولتن تي مريضن جي وڌندڙ لاڙي سبب اسپتالن جي انگ ۾ اضافي سان گڏ موجود سھولتن جي گنجائش کي پڻ وڌايو پيو وڃي. گذريل سال تقريبن 23 لک مريضن سيسي جي اسپتالن مان صحت جون سھولتون حاصل ڪيون. ان ڏس ۾ نوري آباد ڊسپينسري کي وڌائي 50 بسترن واري اسپتال ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ساڳئي طريقي سان حيدرآباد سائيٽ ايريا ڊسپينسري کي به 50 بسترن واري اسپتال جي حيثيت ڏئي قائم ڪيو پيو وڃي. ڪوٽڙي اسپتال، جيڪا ھن وقت 130 بسترن تي مشتمل آھي، ان جي گنجائش وڌائي 180 بسترن تائين ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آھي.
اداري طرفان جاڳرتا مھم زور شور سان جاري آھي. سماجي رابطن واري دور ۾ اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ ٻين وسيلن ذريعي ھر پورھيت، جيڪو پنھنجي گھر ۾، ڪنھن دڪان تي يا ڪنهن وڏي صنعتي اداري ۾ ڪم ڪري رھيو آھي، تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته جيئن ھو پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي ۽ سماجي تحفظ واري اسڪيم جو حصو بڻجي پاڻ ۽ پنھنجي گهر وران کي اقتصادي جھٽڪن کان بچائي. اڄ جي دور ۾ جتي گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت رڳو 37000 ھزار رپيا ملندي ھجي، اتي جيڪڏھن گهر جو ڪو به ھڪ فرد بيمار ھجي ته توھان جي اجرت ڪنھن ڪک پن وانگي مھانگائي جي ھوا ۾ اڏامي وڃي ٿي ۽ پورھيت کي غربت جي لڪير کان ھيٺ ڌڪي ڇڏي ٿي. سماجي تحفظ واري اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جو مطلب مزدور ۽ ان جي خاندان کي غربت جي لڪير کان ھيٺ ڪرڻ کان بچڻ ۽ ھڪ باوقار زندگي گذارڻ آھي.
دنيا ۾ سماجي تحفظ جون اسڪيمون ان لاءِ متعارف ڪرايون ويون آھن ته جيئن سماجي استحڪام کي برقرار رکجي ۽ مزدورن کي بنيادي سھولتن تائين رسائي ڏئي سماج مان غربت گهٽائي برابريءَ کي فروغ ڏجي. سماجي تحفظ وارو پروگرام پورھيتن جي جدوجھد کان پوءِ منصفانه طور پورھيت جي محنت جو اجورو، احترام، باوقار زندگيءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ضامن آھي.