سماجي اڳواڻ غلام نبي جت جي پٽ جو مبينا قاتل هاف فراءِ

0
153
سماجي اڳواڻ غلام نبي جت جي پٽ جو مبينا قاتل هاف فراءِ
سماجي اڳواڻ غلام نبي جت جي پٽ جو مبينا قاتل هاف فراءِ

ملير: سُکن پوليس سماجي اڳواڻ غلام نبي جت جي پٽ نور نبي جي مبينا قاتل هاشم عرف هاشو کي مقابلي دوران هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران منشيات فروش هاشم عرف هاشو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

ذريعن موجب پوليس شادي ڪاڄ تي چڙهائي ڪري تقريب ۾ موجود جوابدار هاشم عرف هاشو کي گوليون هڻي گرفتار ڪيو

پوليس موجب جوابدار هاشم عرف هاشو 12 جون 2023 ع تي سماجي اڳواڻ غلام نبي جت جي پٽ نور نبي جت کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو هو، مقتول جا وارث سراپا احتجاج پڻ هئا

پوليس موجب گرفتار جوابدار ابراهيم حيدري ۽ سُکن ٿاڻن جي حد سامونڊي پٽيءَ ۾ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو، جنهن خلاف قتل، منشيات فروشي ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا ڪيس پڻ داخل آهن