ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سماجي اڳواڻ پاران ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ بھاني وٺي ويو نشي آور شي کارائي ساٿي سميت لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد پئسن عيوض وڪرو ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اظھار وڄوٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سگروڙ جوڻيجا جي رهواسڻ شادي شده عورت شريمتر پريمي ڪولهي پنهنجي والد هٺو ڪولهي سان گڏ ميرپورخاص پھچي صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو، پريمي ڪولھي وڌيڪ چيو ته شادي شده آهيان، ٻن سالن جو پٽ آهي ۽ ڇھه مھينن جي حاملا آھيان، مڙس ٻه ٽي مهينا اڳ تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هو، والدين جي گھر رهندي آهيان، والد پاران سماجي اڳواڻ پرتاب عرف پٿو ڪولھي کي مڙس جي زيادتين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ گهرايو جنهن کي 50 هزار فيس پڻ ڏني، ٽي ڏينهن اڳ پرتاب عرف پٿو ڪولھي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جي بهاني سان وٺي ويو، منهنجي والد کي بس ٽرمينل مٺي وٽ لاهي اتي موجود هڪ همراه نالي رائي چند ڪولهي سان گڏجي مون کي ڳوٺ ٻاپوهر وٺي ويا ۽ ماني ۾ نشو ڏئي زيادتي ڪئي، هڪ شخص آيو جنهن کي مون چيو ته وڃڻ ڏيو، جنهن تي هن وراڻيو ته پرتاب عرف پٿو ۽ رائيچند توکي هڪ لک رپين ۾ وڪڻي ڏئي ويا آهن، ڀڄي مائٽن جي گھر پھتس، حقيقت والدين ۽ عزيرن کي ٻڌائي، ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بجائي چئن ڏينهن کان مسلسل آسرا ڏئي رهي آهي، متاثر عورت ۽ سندس والد واسطيدار اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.