‘سليم’ ڪيڏانھن ويو؟

0
15
‘سليم’ ڪيڏانھن ويو؟

ريڻ ندي جي ڪناري ڳوٺ محمد خان چانڊيو ۾ علي اڪبر جي گهر پيدا ٿيندڙ سليم ڪيڏانھن ويو هليو، ان جي ڪائي خبر ناهي. سليم کي آئون تڏھن کان سڃاڻان، جڏھن هن جي عمر اِٽي ڏڪر ۽ بلورن راند کيڏڻ جي هئي. اڄ جڏھن سليم تي لکي رهيو آھيان ته مون کي هڪ ٻيو سليم، جيڪو تاريخ ۾ شھزادو سليم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ياد ٿو اچي، جيڪو شھنشاهِ هند جلال الدين محمد اڪبر جو پٽ ھو. اڪبر اعظم کي ٽي پٽ سليم، دانيال ۽ مراد نالي هئا، جن مان  مراد ۽ دانيال شھنشاهِ هند اڪبر جي حياتي ۾ ئي گهڻي شراب پيئڻ سبب فوت ٿي چڪا هئا. 1605ع ۾ جڏھن اڪبر اعظم فوت ٿيو ته سندس پٽ شھزادو سليم، نورالدين محمد جهانگير جي لقب سان تخت نشين ٿيو. پاروتي شرما سندس لکيل ڪتاب An  intimate portrait of the great mughal, ۾ لکيو هو ته دنيا ۾ اڪبر اعظم وٽ سڀ شيون موجود هيون، فقط اولاد ڪونه هوس، جنهن ڪري هو خواجا معين الدين چشتي اجميري جي درگاه تي ويو ۽ باس باسيائين ته جيڪڏھن کيس پٽ پيدا ٿيو ته هو پيرين پنڌ سندس درگاه تي حاضري ڏيڻ ايندو. پوءِ ھڪ ڏينهن هو بزرگ سليم چشتي وٽ ويو، جيڪو هندستان ۾ چشتي سلسلي جو جليل القدر بزرگ هو، جنهن سان مغل شھنشاه اڪبر اعظم ۽ جهانگير جي عقيدت هئي. بزرگ سليم چشتي 1478ع ڌاري دهلي ۾ ڄائو ۽ 1572ع ۾ وفات ڪيائين. هن جو حسب نسب فرخ بادشاه شاه ڪابل سان مليو ٿي. بعد ۾ ھن جا مائٽ دهلي لڏي آيا، جتي شيخ سليم پيدا ٿيو. شيخ سليم چشتي اڪبر اعظم کي چيو، خدا توکي ٽي پٽ ڏيندو. اڪبر اعظم، شيخ سليم چشتي کان پڇيو: توهان ڪيترو وقت زنده رهندا؟ چشتي جواب ڏنو ته جنهن ڏينهن تنهنجو پٽ سليم ڪجھ ياد ڪري دهرائيندو، ان ڏينهن آئون دنيا مان هليو ويندس. ٿيو به ايئن. هڪ ڏينهن شھزادي سليم ڪنهن جي چوڻ تي چيل جملا دهرايا، ان ڏينهن شيخ سليم چشتي جي طبيعت خراب ٿي ويئي ۽ ھو گذاري ويو.

شھزادو سليم جهانگير عورتن ۽ شراب جو شوقين هو, هو پنهنجي سوانح حيات ‘تزڪ جهانگيري’ ۾ لکي ٿو ته هو ڏينهن ۾ 14 ۽ رات ۾ 6 گلاس شراب جا نوش ڪندو هو. پارورتي شرما سندس ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته هو ارڙھن سالن جي ڄمار ۾ ھڪ دفعي شڪار تي ويو، جتي کيس ٿڪاوٽ محسوس ٿي. سندس ساٿين مان ڪنهن کيس چيو ته شراب پيئو ته ٿڪاوٽ ختم ٿئي. هن شراب پيتو ته کيس مزو آيو. پوءِ ھن شراب پيئڻ شروع ڪيو. شھنشاه بابر به شراب پيئندو هو. اڪبر اعظم ڪڏھن ڪڏھن شراب پيئندو هو، پر شاهجهان شراب ڪڏھن به ڪونه پيتو. اسد بيگ پنهنجي ڪتاب “وقائع اسد بيگ” ۾ لکيو ته اڪبر اعظم ۽ سندس پٽ شھزادي سليم ۾ اختلاف شھنشاه اڪبر جي وزير ۽ سوانح نگار ابوالفضل جي قتل تان شروع ٿيا، جنهن کي جهانگير اورڇا جي راجا بير سنگھ  ديو جي هٿان قتل ڪرايو. جڏھن ابو الفضل دکن کان آگره وڃي رهيو هو، شھزادو سليم عرف جهانگير موڊي بادشاه هو. هن بغاوت جي الزام هيٺ سندس پٽ خسرو جون ٻئي اکيون ڪڍائي ڇڏيون هيون. پوءِ ھن سندس اکين جو علاج به ڪرايو هو، پر سندس نور واپس ڪونه ٿيو.

آئون برصغير جي تاريخ ۾ ڪنهن اڃايل هرڻ جيان ڀٽڪي پٺ تي موٽان ٿو ته سليم کي امام واه ڪئنال ۾ ٽٻيون هڻندي ڏسان ٿو. هو رنگ جو سانورو، قد جو پورو پنو، سندس ڳل تي هڪ ننڍو تر هو، جيڪو آھستي آھستي وڌندو ويو ۽ اڳيان هلي سندس پوري ڳل تي ڳاڙھي ماس جي صورت ۾ ڀرجي ويو هو. هو  منهنجي ويجهي مائٽي ۾ ھو، جنهنڪري گهڻا سال اڳ ڪڏھن اسان ڏاند گاڏين تي اجرڪن جو پردو ڪري انهن جي ڳوٺ ويندا هئاسين ته ڪڏھن ھو ڏاند گاڏين تي مويا شھر کان نڪري وڻن وارين ڪچين واٽن تان اچي لوڻيلو جي لوءِ ۾ لهندا هئا. سليم ڪيترو پڙھيو، اها ته خبر ناهي پر سندس ڀائر منور علي، ذوالفقار علي ۽ مرحوم اعجاز بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ذوالفقار علي ماستر ٿيو، منور علي زمينداري سنڀالي ۽ اعجاز زندگي کان خفا ٿي زهريلي دوا پي زندگي جو انت آندو. سليم سڀني ڀائرن ۾ عمر جو وڏو هو، پر هو اناڙي ۽ اڌ دماغي ننڍي هوندي کان ئي هو. هڪ دفعي سليم ۽ آئون بال راند کيڏي رهيا هئاسين. اسان وٽ بيٽ ته ڪانه هئي، ان جي جاءِ تي هڪڙو ڏنڊو هو، ڪڏھن هن مون ڏانهن بال ٿي اڇلايو ته ڪنهن دفعي مون بال هن ڏانهن ٿي اڇلايو. هن جي بال اڇلائڻ جو وارو آيو ۽ جيئن ئي هن بال اڇلايو، بال نڪري ويو لٺ وڃي سليم جي مٿي ۾ لڳي. سليم ڪري پيو. مون ڊوڙي وڃين اٿاريس. مٿي ۾ ڳنڍو ٿي پيس. سليم ڳنڍي تي هٿ ڦيرائي روئڻ لڳو. مون کي به اچي مائٽن جي مار جي خوف ورايو. پوءِ مون کيس پرچائي مٿي تي ٽوال ٻڌائي مٿي وارو ڳنڍو لڪائي ڇڏيو. سليم جواني ۾ شادي ڪئي، اولاد ٿيس ۽ پوءِ آھستي آھستي سندس دماغي توازن ويتر ويو خراب ٿيندو. ان دوران سندس علاج به هلندو رهيو. سليم علاج دوران گدو جي دماغي بيمارين جي اسپتال ۾ ڪافي عرصو گذاريو. سندس والد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ھو ڪمري تائين محدود ٿي ويو. سليم طبعي عمر سٺ سال پوري ڪرڻ کان پوءِ جسماني طور ڪمزور ۽ سست ٿي ويو ھو. گذريل هفتي هو اوچتو ڪنهن پرندي جيان ڀڙڪو ڏيئي جيئن ئي گهران نڪتو ته وري گهر موٽيو ئي ڪونه! ڪيڏانھن ويو؟ ڇو ويو؟ ڪائي خبر ناهي. مون کي سندس گهر ٻار ڇڏڻ تي هي سٽون ذھن تي تري ٿيون اچن:

ڪيتريون خوبصورت هي ڪائناتون!

راتيون چنڊ ستارا ان ۾

جتان تون اچين، وڃين چارا ان ۾

ٿورڙو پريان پيو سنڌو وهي

ان جي سير ۽ ٻئي ڪنارا دل ۾

ڪيترا ويا هليا ھتان ڪجھ ياد آھن!

سال ٿي ويا پر سڀ پيارا دل ۾

ھي هوائون ۽ چنچل ادائون

هي سانوڻيون ۽ روح ڏانوڻيون

ڇڏي ڇو رڻ راتيون وسائجن؟

۽ ايئن زندگي جا ڏيئا اجهائجن

هن ڪائنات ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آھن، جن کي هن خوبصورت ڪائنات جي خبر به نه آھي ته جڏھن باک ڦٽي ويل مور ڪونڀٽ وڻن ۾ دانهون ڪندو آھي ته ننڊ ستل ڪائنات ڪر موڙي جاڳي پوندي آھي، ۽ جڏھن ماگه جي چانڊوڪي رات ۾ صحرا مان ڏاند گاڏيءَ تي سفر ڪبو آھي ته اهو سفر دنيا جي هوائي جهازن جي سفر کان گهڻو دلپسند لڳندو آھي. اهو ئي سبب آھي جو  هڪ دفعي شھنشاه سليم جهانگير شڪار تان موٽندي ڍڳي گاڏيءَ تي سوار ٿيو ۽ گاڏي پاڻ هلائڻ لڳو. پاسي ۾ پاڻ سان گڏ راڻي نورجهان کي به ويهاريائين ۽ حڪم ڪيائين ته سڀ شمعون وسايون وڃن ته جيئن رات ۾ ڏاند گاڏيءَ جي سفر جو مزو وٺجي. /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

شھنشاه هند جهانگير ته ڏاند گاڏيءَ تي سوار ٿي سفر جو مزو ورتو، پر سليم ڪٿان ۽ ڪهڙي ڏاند گاڏيءَ ۾ سوار ٿي سفر جو مزو وٺڻ نڪتو آھي، ان جي ته ڪائي خبر ناهي! پر سندس گهر ڀاتي سندس موٽي اچڻ جو انتظار پيا ڪن.