سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي لطيف شناسي

0
18
سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي لطيف شناسي

سليم ولد حاجي محمد عظيم ڀُٽي پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلو پتڻ ضلعي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو، انٽرميڊئيٽ تائين تعليم پنهنجي تَرَ مان بي اي ڪالي موري ڪاليج حيدرآباد مان پرائيويٽ ڪرڻ بعد ايم اي انگريزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شروع ۾ اسڪول استاد طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، 1988ع ۾ پي سي ايس جو امتحان پاس ڪري ايڪسائيز کاتي ۾ اي ٽي او مقرر ٿيو، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نوڪريءَ جا فرض سرانجام ڏيڻ بعد ٽيڪس کاتي ۾ سينيئر عهدي تي 2021ع ۾  رٽائر ٿيو.

                 سليم ڀُٽي پنهنجي هستيءَ کي لطيفي فن جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جتي هنن وڏن لاءِ ڪم ڪيو اتي سنڌ جي مستقبل يعني ٻارن کي نه وساريو، سندن لاءِ “انڊلٺ” رسالو جاري ڪيائين ته لطيفي سلسلي هيٺ “اسان جو حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي” (5-جلد) شايع ڪرايائين، جو سگا جي روشن تارا اسڪولن ۾ چوٿين درجي کان اٺين درجي تائين 2004ع کان اضافي ڪورس طور پڙهايو وڃي ٿو. اهي پنج ڪتابچا 12 ۽ 13 کان 25 صفحن تي آڌاريل آهن، جن تي نظرثاني تاجل بيوس ۽ ڪرم علي چنا ڪئي ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي فيصلي کانپوءِ سوين ٻار لطيف جي پيغام ۽ تعليم کان مستفيض ٿي رهيا آهن.

سليم ڀٽي اليڪٽرانڪ دور جي اهميت جي حوالي سان مختلف ٽي وي چئنلز تان لطيف شناسيءَ بابت پروگرام پيش ڪيا، جنهن ۾ “لطيفي رهاڻ” (هفتيوار، ڪل 62 پروگرام)، “لطيف جا پنڌ ۽ پيچرا” (60 پروگرام) آهن، ان کانسواءِ  ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تي سندن هفتيوار رهاڻ جو سلسلو “ڀٽائي: ڀونءَ جو ڀاڳ” نشر ٿيو. هن ٽيلي فلم “لاکو ڦلاڻي” ته “مٽيءَ مٿي مامرو” (طويل ناٽڪ) ۽ “سورن لڌو سجهه” (ناٽڪ) لکيا آهن.

شاهه جي شاعريءَ جو جديد فڪر:

ڀُٽي سليم جو پهريون لطيفي ڪتاب 1990ع ۾ 88 صفحن تي آرٽ لائين ڪمپوزرس ڪراچي شايع ڪيو. جنهن ۾ مضمون، “کاهوڙي جو ڪردار”، “مارئيءَ جو ڪردار”، “جنگ جو فلسفو”، “عوامي شاعر”، “ٻولي ۽ ڌرتي”، ۽ ”وڌي وڻ ٿيون“ آهن.

لطيفي لات جا ڌڻي:

1991ع ۾ پهريون ڇاپو ڀٽائي لٽرري ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي ڪراچي 132 صفحن تي شايع ڪيو، جنهن ۾ آيل مضمون، “جيڪي منجهه تراب”، “ننڊ نه ڪجي ناکئا”، “ڪُسڻ جو قرار”، “مون ۾ آهين تون”، “سکو سڀ سرتيون” ۽ ٻيا آهن.

سندس ٽيون ڪتاب انگريزيءَ ۾ 1991ع ۾ ڀٽائي لٽرري ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ طرفان شايع ٿيو 96 صفحن جي هن ڪتاب جو عنوان  Shah Abdul Latif (A Star just before the Dawn)  آهي، جنهن ۾ آيل مضمون “شاهه جا ڪردار”، “شاهه جو دور”، “شاهه لطيف سنڌ جو قومي شاعر”، “شاهه عبداللطيف ۽ نوجوان”، “شاهه عبداللطيف ۽ فطرت” آهن.  “Horizons of Shah Abdul latif Bhittai’s Poetry”   چوٿون ڪتاب پڻ انگريزيءَ ۾ آهي جنهن جو به پهريون ڇاپو ڀٽائي لٽرري سوسائٽي ڪراچي 1993ع ۾ 118 صفحن تي شايع ڪيو، جنهن ۾ آيل مضمون لطيف سائين جي شاعريءَ ۽ ڪردارن بابت خاص مارئي ۽ مورڙي بابت آهن.

شاهه جي سرن جو سچ:

هي ڪتاب 1993ع ۾ ڀٽائي لٽرري سوسائٽي شايع ڪيو. جنهن ۾ ٽن سرن جي سمجهاڻي آهي،  ”ملڪ مڙوئي منصور“، ”پلئه پايو سچ“ عنوان سان باب آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه جي سرن ۾ موجود  ڪردارن جي مختلف پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي، شاهه جي شاعريءَ جي انفراديت قومي شاعر طور سمجهايل آهي.

لات جا لطيف جي:

1996ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”مون ۾ عيب اپار“، ”الا جنگ جيين“ ”سر سسئيءَ ۾ وجوديت جو فلسفو“، ”ڀٽائي ۽ نئين ٽهي“، ”ڀٽائي جو فقير“ آهن.

شاهه جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس:

سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ شايع ڪيو (پهريون لطيفي تحقيقي تڪيو ڄامشورو، ليکڪ جي قائم ڪيل اداري مان ڇپيو هو). ٻه اکر ڊاڪٽر فهميده حسين جا لکيل آهن، ”سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تنقيد جي کوٽ“ مرتضيٰ سيال ۽ ٻين جا ڪتاب بابت ويچار آهن، مضمونن ۾ ”سر ڪيڏارو ۽ سنڌ ڪيڏارو“، ”کيت مارئي ۽ ڍول مارئي“، ”ههڙا هاڃا ٿين“، ”ٽرمپ، بمبئي سرڪاري، قليچ ۽ گربخشاڻيءَ جي ڇپيل رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“، ”قاضي، آڏواڻي، شهواڻي، قاسمي، انصاري ڏيپلائي، گنج ۽ جنجهي جي ڇپيل رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“، ”ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۽ ڊاڪٽر صاحب طرفان ”رسالي مان خارج ڪيل ڪلام جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“، شامل آهن،  هٿ جا هنر: شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت کي سليم ڀٽي لطيفي ۽ الهه رکيي ٻٽ سهيڙيو .

سائو هلن سامهان:

لطيفي تحقيقي تڪيي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، سنڌيڪا اڪيڊميءَ مان 2009ع ۾ شايع ڪرايو، 142 صفحن جي هن ڪتاب جي سٽاءُ ۾ ست ليک، ”جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين“، ”ههڙا سورهيه سپرين“، ”رُون رُون ڪري راز“، ”سائو هلن سامهان“، ”سارنگ سار لهيج“ ۽ ٻيا آهن. ”لطيف ۽ لطيفي“ عنوان سان ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو ليک آهي، جي مٺي مورنه ڀائين. عنوان سان هن قلمي پورهيي جو انتساب ٽنڊي بهاول واري واقعي جي سڄاڻ سورمين مائي جندو ۽ سندس ڌيئرن جي نالي ڪيل آهي ته ”وک وڌڻ کان اڳ ۾“ جي شروعاتي ليک ۾ ليکڪ لکي ٿو ته”شاهه سائين جو پيغام محبت جو پيغام آهي انسانن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ ۽ سڄي انسانذات لاءِ خير خواهي گهرڻ لطيف سائين جي شاعريءَ جي سڀني اهم خوبين ۾ بنيادي خوبي آهي.

شاهه لطيف جي فڪر جي عالمي اهميت ۽ دائمي حيثيت کي ڀٽي صاحب عالمي ادب جي جڳ مشهور شاعرن اديبن، محققن ۽ مفڪرن سان ڀيٽيو آهي، جيئن ملٽن، شيڪسپيئر، شيلي، ورڊسورٿ، ڪريڪارڊ، برنارڊ شاهه، هيگر، سارتر جي ٻوليءَ جا حوالا ڏيڻ سان گڏ لطيف سائينءَ جا متبادل بيت ڏيئي موضوع جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته ”شاهه سائين جي عالمي ڏاهن سان ڀيٽ مان ثابت آهي ته دنيا جهان جو فڪر هڪ طرف، اسان جي پياري مرشد لطيف جو فڪر ٻئي طرف آهي سڀ گڏجي به شاهه سائينءَ جي فڪر جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ايڪيهين صديءَ ۾ به اسان جو لطيف سائين هر قسم جي جديد ترقي ۽ ارتقا جي گهرجن مطابق اسان جو ساٿ ڏئي ٿو. تنهن ڪري اچو ته پنهنجي ذهن جي جهولي ۽ دل جي دامن ۾ شاهه سائينءَ جي فڪر جا ڪڻا سانڍيون.