اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي  احتساب عدالت جي جج محمد بشير سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ۽ ٻين خلاف ڪڊني هلز ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ گواهه پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت آڏو نيب جا گواهه محمد احسن ۽ نثار احمد مگسي پيش ٿيا، جن جو بيان مڪمل طور رڪارڊ نه ٿي سگهيو، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.