ڪراچي: نگران حڪومت ۾ به ليبر کاتي جا آفيسر تبديل نه ٿيا، سليم رضا کهڙو، شهلا ڪاشف ۽ ٻيا مسلسل عهدن تي موجود ، ورڪر ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري سعيد صالح جماڻي جي بدلي وارو آرڊر 24 ڪلاڪن ۾ ڪينسل، ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب نگران حڪومت ايندي ئي مختلف کاتن ۾ سالن کان ويٺل آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته ليبر کاتي ۾ ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل منظرعام تي اچڻ باوجود آفيسرن کي تبديل نه ڪيو ويو آهي سنڌ ورڪر ويلفيئر بورڊ جو سيڪريٽري سعيد جماڻي، بورڊ جي ڊي جي شهلا ڪاشف، سيسي جو ڪمشنر سليم رضا کهڙو ۽ ڊائريڪٽرز پنهنجن عهدن تي موجود آهن ، 30 سيپٽمبر تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سيڪريٽري سعيد صالح جماڻي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سندس بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪيو ويو.