نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ۾ پرائمري استاد پاران ڪلوئي پوليس خلاف احتجاج ڪري تشدد جو الزام لڳايو ويو، ان ڏس ۾  پرائمري استاد عبدالغفار نهڙيو ٻڌايو ته ڳوٺ کوھي مورا کان موٽر سائيڪل تي نئون ڪوٽ طرف اچي رهيو هئس ته ڳوٺ گرڙاٻه ويجھو روڊ تي ٿر جي واري هئڻ ڪري سامهون ايندڙ  پوليس موبائيل کي سلو ٿيڻ لاءِ اشارو ڏنو، ان تي پوليس موبائيل ۾ سوار ايس ايچ او ڪلوئي غازي راڄڙ ۽ پوليس اهلڪار ڏمرجي پيا، جنهن مون کي موٽر سائيڪل تان لهي اچڻ جو چيو جنهن تي  مون موٽرسائيڪل روڪي ايس ايچ او ڪلوئي سان مخاطب ٿيس ته ايتري ۾ ڪلوئي ٿاڻي جي ننڍي منشي شمشاد سومرو ۽ ٻين اهو چئي تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته صاحب جي گاڏي کي سائيڊ ڇو نه ڏني، هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي