نيويارڪ (شوبز نيوز) ميڪسيڪن اداڪارا سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي هڪ فلم ۾ رومانوي سين عڪسبند ڪرائيندي روئي پئي هئي. پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو ته 1993 ۾ هو پنهنجي فلم ڊيسپراڊو ۾ هڪ رومانوي سين عڪسبند ڪرائيندي روئي پئي هئي. 54 سالن جي اداڪارا ٻڌايو ته هو ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هئي ته کيس پنهنجي فلم دوران پنهنجي ساٿي اداڪار انتونيو بنڊيرس سان هڪ بولڊ سين به عڪس بند ڪرائڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن هو رومانوي سين عڪسبند ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ته سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ هو ڊڄي وئي هئي کيس پاڻ کي به خبر نه هئي ته هو روئي ڏيندي. اهو ڏسي سيٽ تي موجود سڀ پريشان ٿي ويا هئا ۽ هيرو کي شرمساري محسوس ٿي رهي هئي