ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي سلطان، سلمان خان جي فلم ” ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“  رليز ٿيندي ئي باڪس آفيس تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان رليز جي پهرين هفتي ئي ڀارت سميت سموري دنيا مان سئو ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندڙ سلمان خان جي فلم رليز جي ٽن ڏينهن دوران ڀارت مان 68 ڪروڙ ڪمايا جڏهن ته فلم پهريان ئي عالمي سطح تي 100 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري چڪي آهي. سلمان جي خان جي مزاح ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم جا سوشل ميڊيا تي به چرچا ٿي رهيا آهن ۽ شوقنن طرفان به فلم جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي پئي وڃي. فرحاد سمجي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ۾ ڏکڻ ڀارتي فلمن جي سُپر اسٽار، پوجا هيگڙي، پنجابي فلم جي اداڪارا شهناز گِل، راگهو جوئيل ۽ شوئيتا تيواري جي ڌيءَ پلڪ تيواري سميت ٻين اداڪارن بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي.