ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاھھ رخ خان کي ويجھڙ ۾ قتل جي ڌمڪي ملي آھي. ڀارتي ميڊيا موجب پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪري ڇڏي جنھن کان معلوم ٿيو آھي تھ اھا ڌمڪي واري ڪال رياست 36 ڳڙھھ جي شھر راءِ پور مان آئي. ممبئي پوليس باندرا پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ۽ ڪال ٽريس ڪري جوابدار جو پتو لڳائي ورتو آھي جنھن جي سڃاڻپ فيضان جي نالي سان ٿي آھي. راءِ پور پوليس پاران جوابدار فيضان جي گرفتار لاءِ ڇاپا ھنيا ويا، ڄاڻايل جوابدار پاران اداڪار کان 50 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو بھ ڪيو ويو آھي. واضح رھي تھ اھا ڌمڪي ان وقت اڳيان آئي جڏھن سلمان خان کي لاڳيتو جان سان مارڻ ۽ ڀنگ ادا ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن جنھن کانپوءِ شاھھ رخ خان کي بھ قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آھي. ٻئي طرف راءِ پور ايس ايس پي سنتوش ڪمار سنگھھ موجب ممبئي پوليس اڃا تائين راءِ پور پوليس کي ڪنھن ڪال جو باضابطھ اطلاع نھ ڏنو آھي. پر باندرا پوليس ان سلسلي ۾ ڀارتي قانون جي ڪيترن ئي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ جوابدار فيضان کي گرفتار ڪري ممبئي وٺي وڃي پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو امڪان آھي.