ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ايندڙ فلم ”سڪندر“ جو ٽيرز رليز ٿي ويو. فلم سڪندر جو ٽيزر ايندي ئي ڇانئجي ويو ۽ ان کي ڪروڙين ماڻهن ڏٺو آهي. هڪ منٽ 40 سيڪنڊن جي ان ٽيزر ۾ هٿيارن سان ليس ولنز ڏيکاريا ويا آهن، جن سان سلمان خان وڙهي رهيو آهي. جاري ڪيل مختصر ٽيزر ۾ رڳو سلمان خان جون جهلڪيون ڏيکاريون ويون آهن، ٽيزر ۾ ڪنهن ٻئي ڪردار کي ناهي ڏيکاريو ويو. واضح رهي ته فلم سڪندر ايندڙ سال عيد جي موقعي تي رليز ٿيندي.