ممبئي(شوبز نيوز) جڳ مشهور ريئلٽي شو بگ باس ۾ تڪرار شروع ٿي ويو آهي، چاهت پانڊي جي ماءُ جي بيان کانپوءِ سلمان خان ڪنٽيسٽنٽ جي ڳجهي محبوب کي سامهون آڻي بيهاريو. بگ باس جي ارڙهين سيزن دوران دلچسپ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن چاهت پانڊي جي ذاتي زندگي تي بحث ٿيو. چاهت پانڊي جي ماءُ بگ باس جي گهر ۾ داخل ٿي ته ڌيءَ خلاف ڳالهائيندڙ همراهه سان جهيڙو ڪري ڏنو. چاهت جي ماءُ وڏي دعويٰ ڪئي ته ڌيءَ جو هن وقت تائين ڪو به محبوب ناهي رهيو ۽ نه ئي ان جو ايندڙ وقت ۾ ڪو محبوب هوندو. چاهت منهنجي مرضيءَ موجب شادي ڪندي. شو جي ٻي قسط ۾ سلمان خان پنهنجي شو دوران ئي چاهت جو ڳجهو محبوب سامهون آڻي بيهاريو ۽ چاهت کي چيو ته توهان جي ماءُ چيو هو ته توهان کي اهڙا ڇوڪرا ناهن وڻندا جيڪي ڇوڪرين جي اڳيان پٺيان گهمندا رهن، توهان جي ماءُ ته توهان کي ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. ان دوران هن چيو ته چاهت جي سندس ڳجهي محبوب سان گڏ ڪيڪ سان نڪتل تصوير آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته توهان کي پنجين سالگره مبارڪ هجي پر چاهت سلمان خان جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.