ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجي رهائشگاهه گليڪسي اپارٽمينٽ ۾ پنهنجي حفاظت لاءِ سخت قدم کنيا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن بدنام زمانه لارنس بشنوئي گينگ طرفان مليل ڌمڪين کانپوءِ سلمان خان جي رهائشگاهه تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. اداڪار جي گهر جي ٻاهران منظر جي هڪ وڊيو جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، ان ۾ گليڪسي اپارٽمينٽ جي بالڪوني کي بلٽ پروف شيشي سان ڍڪيل ڏيکاريو ويو آهي. ان کان اڳ، اپارٽمنٽ جون دريون پڻ حفاظتي قدم کڻندي مضبوط ۽ بلٽ پروف شيشي سان تبديل ڪيون ويون هيون، واضح رهي ته سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم “سڪندر” جي شوٽنگ جو آخري مرحلو 10 جنوري کان ممبئي ۾ شروع ڪندو، هي فلم هن سال عيد تي رليز ٿيندي.