رياض(شوبز نيوز)بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ باڪسنگ ميچ ڏسڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.سلمان خان تازو سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٽائسن فوري ۽ فرانسس نگانو وچ ۾ باڪسنگ ميچ ۾ شرڪت ڪئي.سلمان خان جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جارجينا روڊريگز سان گڏ ميچ جو لطف کنيو، جن جي تصوير ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.وڊيو سلمان خان کي وي وي آءِ پي سيٽن تي ميچ مان لطف اندوز ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ جارجينا ان جي ڀر واري سيٽ تي ويٺي آهي، جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو جارجينا جي ٻئي پاسي کان ڀر واري سيٽ تي ويٺو آهي ۽ هن جو ڌيان مڪمل طور ميچ ڏانهن آهي.سلمان ۽ رونالڊو کي گڏ ڏسي مداحن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن.