ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي پراڻي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کان ڳري رقم جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بشنوئي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ سلمان خان کان پنج ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارتي سياسي اڳواڻ بابا صديقيءَ جي قتل جي کانپوءِ سلمان خان جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽس موجب، مبينا طور تي لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن طرفان ممبئي ٽريفڪ پوليس کي واٽس ايپ ذريعي پيغام مليو آهي جنهن ۾ اداڪارا کي موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي. واٽس ايپ پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سلمان خان زنده رهڻ ۽ پراڻي دشمني ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته پنج ڪروڙ رپيا ادا ڪري. پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڌمڪي کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اداڪار جو حشر مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير بابا صديقي کان به بدتر ٿيندو، جنهن کي تازو ئي بشنوئي گينگ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ممبئي پوليس ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سلمان خان جي رهائش گاهه جي ڀرپاسي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.