ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته سلمان بٽ ۽ محمد آصف آڏو پي سي بي نه پر آءِ سي سي رنڊڪ بڻيل هئي. سوشل ميڊيا تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نجم سيٺي چيو ته سلمان ۽ آصف جي جواب مان آءِ سي سي مطمئن نه هئي، اسپاٽ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ محمد عامر، محمد آصف ۽ سلمان بٽ تي گڏ پابندي ل ڳي، جڏهن ته بالر محمد عامر لاءِ ته جلد ڪرڪيٽ جا در ٻيهر کلي ويا پر سلمان بٽ ۽ آصف تي پابندي ختم ٿيڻ ۾ دير لڳي. هن چيو ته اعمر جيان ٻنهي رانديگرن کي به غلطي تسليم ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهربي هئي. ٻئي پاسي نجم سيٺي جي بيان تي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ حيرانگي ۽ ڪاوڙ ظاهر ڪندي ان خلاف قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.