اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ شير افضل مروت جا هڪٻئي تي وار، پي ٽي آءِ چيئرمين اڳواڻن ۾ جهيڙو پارٽي جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته باني کي سلمان اڪرم راجا تي اعتماد آهي، کيس پارٽي جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو آهي، پارٽي جو آئين به باني ئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته ڳالهين جي ٽئين دور ۾ حڪومت آڏو لکت ۾ مطالبا رکيا ويندا. گذريل ڏينهن سلمان اڪرم چيو هو ته شير افضل اهڙو بيان ڏيندو آهي جنهن سان پارٽي جو ڪوئي تعلق ناهي هوندو، ٽي وي وارا کيس گهرائيندا آهن ته بس ڳالهائيندو آهي جنهن تي شير افضل چيو هو ته سلمان اڪرم پارٽي جي آئين تحت سيڪريٽري جنرل ٿي ئي نٿو سگهي، هڪ سال اڳ پارٽي ۾ آيو آهي ۽ مون کي سمجهائي رهيو آهي.