سلطنتن جي عروج، زوال ۽ بدلجندڙ عالمي طاقت جو منظرنامو

0
82
سلطنتن جي عروج، زوال ۽ بدلجندڙ عالمي طاقت جو منظرنامو

 انساني تاريخ جي وڏين ڪهاڻين مان هڪ عظيم داستان سلطنتن جو اڀار ۽ زوال به آهي. وقت جي وهڪري ۾ اقتدار جا قلعا اڏيا ۽ وقت جي ڌڪ سان ڀڄي به پيا. سلطنتون نه فقط فوجي طاقت پر حڪمراني جي حڪمت عملي، مالي استحڪام، سماجي هم آهنگي، ۽ بدلجندڙ عالمي حالتن سان ٺهڪندڙ صلاحيتن تي مدار رکنديون آهن.

                 تاريخي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته سلطنتن جو زوال اڪثر انهن وقتن ۾ ٿيو، جڏهن انهن معاشي وسيلن جو غير ذميواراڻو استعمال ڪيو، فوجي خرچ وڌايا، ۽ عالمي معاملن ۾ گھڻي مداخلت ڪئي. اهڙين حالتن ۾ اندروني ڪمزوريون وڌن ٿيون. طاقت جي اڃ، لالچ، خوف، ۽ شهرت جي خواهش جيئن انساني فطرت جو حصو رهيون آهن، تيئن اهي سلطنتن جي حڪمت عملين تي به اثرانداز ٿينديون رهيون آهن. رومن ۽ يوناني سلطنتن جو تجزيو انھيءَ ڳالھ تاريخي مثال آهن. روم فوجي سگهه، ثقافتي برتري ۽ انتظامي تنظيم هجڻ باوجود، اندروني بدعنوانين، اخلاقي زوال، مالي بحران ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن نه ڏئي سگھڻ ڪري ان جو زوال ٿيو. جڏهن ته يوناني سلطنتن، جتي اقتدار جي بيجا جنگ، وسيلن جي لٽ، ۽ سياسي مغروري عظيم تمدن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اڄ به ساڳيا تاريخي اصول برقرار آهن. جڏهن قوم ترقي ڪندي آهي ته پيداوار وڌندي آهي، قرض گهٽبو آهي، ادارا مضبوط ٿيندا آهن، ۽ سماجي سڪون وڌيڪ هوندو آهي. پر جيئن قرض وڌن ٿا، دولت جي ورڇ ۾ اڻبرابري ۽ سياسي افراتفري جنم وٺي ٿي ته سلطنت جي ڍانچي ۾ ڏار پوڻ شروع ٿين ٿا. اڀار ۽ زوال جو هي چڪر تاريخ جي بي رحم منطق تحت بار بار ورجايو ويو آهي.

تاريخي جائزي مان ثابت ٿئي ٿو ته جيڪي قومون سائنس ۽ فني ترقيءَ ۾ اڳڀريون رهيون، اهي ئي سياست، واپار، ۽ ثقافت جي ميدان ۾ اڳتي نڪتيون. ان جي برعڪس، سياسي ۽ مالي بحرانن، ۽ سماجي عدم استحڪام وارين سلطنتن جو زوال يقيني بڻيو. جيئن صنعتي انقلاب يورپ کي عالمي واپار ۽ طاقت جو مرڪز بڻايو، جڏهن ته ڪيترن ئي قومن ترقي جا موقعا وڃائي ڇڏيا. اوڀر اولهه ۾ ترقيءَ جو مقابلو به تاريخ جو اهم باب آهي. جاگرافي ۽ قدرتي وسيلن تائين پھچ، واپار، فوجي تنظيم، ۽ ثقافتي قدر قومن جي اڀار ۽ زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. صنعتي انقلاب اولهه لاءِ نئون دَر کولي ڏنو، پر جيڪي قومون سياسي انتشار يا قبائلي ورهاست جو شڪار رهيون، اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويون. موجوده دور پڻ تاريخي تبديلي مان گذري رهيو آهي. آمريڪي عالمي بالادستي، جيڪا ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ قائم رهي، هاڻ زوال پذير آهي. دنيا هڪ پوسٽ-ھيجيمينڪ دور ۾ آهي، جتي چين، ڀارت، ۽ ٻين اڀرندڙ معيشيتن جو اڀار نئين عالمي طاقت کي جنم ڏئي رهيو آهي. هي تبديلي مستقبل جي دنيا لاءِ وڌيڪ مقابلي واري، ورهايل، ۽ ڪثير قطبي فيصلا سازيءَ جو اهڃاڻ بڻجي رهي آهي. آمريڪا چين واپاري، سياسي، ۽ فوجي ڇڪتاڻ به موجوده عالمي ترتيب ڏانھن اهم اشارو آهي. خاص طور 2018ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ مقابلي عالمي منظرنامي کي نئون رخ ڏنو آھي. چين پنهنجي سفارتي، معاشي، ۽ فوجي حڪمت عملين سان عالمي طور اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي عالمي قيادت بچائڻ لاءِ دفاعي پاليسين ۽ نون واپاري معاهدن ڏانهن وڌي رهيو آهي.

سلطنتن جي زوال مان اهم سبق ملي ٿو، ته اقتدار صرف طاقت سان نه پر حڪمت، بصيرت، مالي انتظام، ۽ عالمي حالتن جي سمجهه سان قائم رهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي ادارن کي ڪمزور ڪري، وسيلن جي ناانصافي ڪري يا عالمي حالتن سان مطابقت وڃائي ويهي، ته سندس زوال يقيني بڻجي ٿو. مستقل طاقت لاءِ علم، سمجھداري، ۽ سياسي لچڪ ناگزير آهي. مالياتي ۽ سماجي اڻبرابري قومن جي اندروني توازن کي بگاڙيندي آهي. جڏهن دولت ڪجهه هٿن ۾ محدود ٿي وڃي، ته سياسي بيچيني، عوامي ناراضگي، ۽ معاشي افراتفري جنم وٺي ٿي، جيڪا سلطنتن کي اندران کوکلو ڪندي آهي. 20هين صدي جي ٻن عالمي جنگن، ۽ 1930ع جي وڏي مالي بحران عالمي طاقت جي ترتيب ۾ وڏيون تبديليون آنديون.اڄ به آمريڪا ۽ چين جي ڇڪتاڻ نئين “سرد جنگ” جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. چين آمريڪا واپاري انگن اکرن کي ڏسجي ته 2024ع ۾ ٻنهي ملڪن جو واپار لڳ ڀڳ 700 ارب ڊالر تائين پهتو، ۽ آمريڪا وڏي تجارتي خساري ۾ رهيو، جيڪو عالمي واپاري توازن تي وڏو اثر وجهي ٿو. طاقت جي نئين ترتيب، عالمي امن لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي ادارن، سفارتڪاري، ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀرپور اهميت آهي، ته جيئن انسانيت تڪرارن کان بچي سگهي. آمريڪا جي بيمثال عالمي اڳواڻيءَ جي حيثيت هاڻ مختلف چئلينجن جي ور چڙهي رهي آهي. يوڪريني جنگ، ڪووڊ-19 وبا، واپاري پاليسين ۾ تبديليون، ۽ اندروني سياسي ورهاست، آمريڪا جي عالمي اثر کي گهٽائي رهيون آهن. دنيا هڪ ڪثير قطبي نظام ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي يورپ، چين، ڀارت، روس، ۽ ٻين علائقائي طاقتن جو ڪردار اهم بڻجي رهيو آهي. چين “بيلٽ اينڊ روڊ” منصوبي، معاشي اصلاحن، ۽ ٽيڪنيڪي اڳڀرائيءَ سان عالمي منظرنامي تي نئون اثر وجهي رهيو آهي. روس به توانائي وسيلن، فوجي طاقت، ۽ سفارتي مهارتن ذريعي عالمي سڃاڻپ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ مغرب سان ڇڪتاڻ هن جي راھ ۾ رڪاوٽ آهي. جيڪي قومون علم، ادارتي مضبوطي، ۽ عالمي لاڳاپن جي اهميت کي سمجهي ترقيءَ طرف وڌن ٿيون، اهي ئي مستقبل جي طاقت بڻجي سگهن ٿيون.

گذريل پنج صدين جي تاريخ، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تبديلين جي مسلسل تحريڪن سان ڀريل آهي، جتي سلطنتن جي اڀار ۽ زوال، نظرياتي ٽڪراءَ، ۽ واپار کان وٺي ٽيڪنالاجي جي جدت تاريخ کي نئون رخ ڏنو آهي. ارنلڊ ٽائنبي مطابق، قومون اندروني تخليق يا تباهي جي قوتن سان پنهنجو مستقبل طئي ڪن ٿيون. اسپين، پرتگال، عثماني سلطنت، چين، ۽ انگلينڊ پنهنجن پنهنجن دورن ۾ عالمي سياسي ۽ واپاري منظرنامي تي حڪمراني ڪئي، جتي دريافتن، صنعتي انقلاب، ۽ نوآبادياتي نظام دنيا جي جوڙجڪ کي تبديل ڪيو. آمريڪا جي قيام، فرانسيسي انقلاب، ۽ روسي انقلاب نون سياسي نظريئن جي واڌاري جو آغاز ڪيو، جڏهن ته ٻن عالمي جنگين سلطنتن کي زوال ڏنو ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا اڀريا. سرد جنگ جي دور ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين سپر پاور طور سامهون آيا، ۽ مارشل پلان، ڪميونزم جي واڌ، ۽ پوءِ سوويت زوال، عالمي طاقت جي نئين ترتيب جو سبب بڻيا.آزاد مارڪيٽ ۽ گلوبلائيزيشن جون پاليسيون معاشي واڌ ويجهه آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، جڏهن ته ايشيائي ملڪن جي معاشي اڀار عالمي طاقت جي اولهه کان اوڀر طرف منتقلي جو اشارو ڏنو. چين جي معاشي اصلاحات، روس جو ٻيهر سياسي اڀار، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ، ۽ بي آر آءِ جهڙيون پاليسيون نئين عالمي رخ جو تعين ڪري رهيون آهن. نئين قومپرستي، تحفظ پرستي، ۽ عوامي تحريڪون گلوبلائيزيشن کي چئلينج ڪري رهيون آهن، جتي برڪس، بريگزٽ ۽ ٽرمپ جي پاليسين دنيا کي هڪ نئين سياسي دور ۾ داخل ڪيو آھي. اهڙيءَ طرح، مصنوعي ذهانت جي تيز ترقيءَ، نه رڳو روايتي روزگار جي شعبن کي خطري ۾ وڌو آهي، پر ان جي استعمال سان غلط معلومات، پرائيويسي جي ڀڃڪڙي ۽ خودڪار هٿيارن جي واڌ جا به خطرا وڌيا آهن. ان سان گڏ، موسمي تبديلين جي اثر کي به وڌيڪ نمايان ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي صرف ڪجھه سالن دوران دنيا جي مختلف حصن ۾ گرميءَ جي لهر، ٻوڏن ۽ زمين سڪڻ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آھن. ڪووڊ-19 وبا، عالمي نظامن جي ڪمزوري کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته مصنوعي ذهانت، بگ ڊيٽا، ۽ ڊجيٽل ڪرنسيز نون موقعن سان گڏ نون خطرن جو به بنياد بڻيا. هن پيچيده، گهڻ رُخي ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ آمريڪا، چين، روس، ڀارت، ۽ يورپي يونين عالمي طاقت جي توازن کي نئين سر جوڙي رهيون آهن، جتي ماحولياتي بحران، واپاري جنگون، ۽ سماجي اڻبرابريون انسانيت جي مستقبل لاءِ نون امتحانن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. اهڙيءَ ريت، تاريخ جي هن ڊگهي سفر مان معلوم ٿئي ٿو ته تبديلي انساني تقدير جو مستقل حصو رهي آهي، ۽ اڄ جو دور به اُن تسلسل جو هڪ باب آهي. اڄ دنيا ۾، جتي طاقت جا مرڪز ورهايل آهن، قومن لاءِ لازم آهي ته هو علم، اخلاقي حڪمراني، ۽ عالمي ذميواريءَ کي بنياد بڻائي مستقبل جي رهنمائي ڪن. ٻي صورت ۾، تاريخ جا سبق ٻيهر ورجائبا، ۽ نوان زوال جنم وٺندا.

مٿي ذڪر ڪيل انساني تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته ڪا به سلطنت، قوم يا طاقت هميشه ناهي رھندي. سلطنتن جو عروج ڪڏهن به صرف فوجي طاقت يا اقتصادي وسيلن تي دارومدار نه رکيو آهي، بلڪه اهو ادارتي مضبوطي، علمي اڳواڻي، سياسي بصيرت، ۽ بدلجندڙ حالتن سان مطابقت جي صلاحيت تي ٻڌل هوندو آهي. اڄ جي دنيا، جيڪا تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ، ٽيڪنالاجي سان ڀريل ۽ گهڻ قطبي منظرنامي طرف وڌي رهي آهي، اها قومن کان حڪمت، تعاون، ۽ انسانيت جي گڏيل مفاد تي ڌيان ڏيڻ جو تقاضو ڪري ٿي.

آمريڪا، چين، روس، ڀارت ۽ يورپ ۾ وڌندڙ مقابلي، نئين سرد جنگي آثارن، ۽ عالمي سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجن جي روشني ۾ ضروري آهي ته قومون پنهنجون اندروني ڪمزوريون سڃاڻن، ادارن کي مضبوط ڪن، علم ۽ تحقيق کي اوليت ڏين، ۽ عالمي فيصلا سازي ۾ ذميوار ڀاڱي ڀائيوار طور شامل ٿين. ٻي صورت ۾ تاريخ جي بي رحم چڪر جي ور چڙهڻ کان ڪو به نه بچي سگهندو. سلطنتن جي زوال جا نشان سدائين ايندڙن لاءِ نشانيون بڻجن ٿا ۽ اهي قومون باقي رهنديون، جيڪي انهن نشانين مان سکي پنهنجو رستو تبديل ڪنديون.