سلطانپور(ن پ ا) سلطانپور ڪينٽ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڊٻ پل ڀرسان ڏوهه جي ارادي ساب بيٺل هٿياربندن سان مقابلي ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، زخمي جوابدار جي سڃاڻپ پنوعاقل جي مسڻ محلي واسي اياز پُٽ محمد اسماعيل چاچڙ طور ٿي آهي، پوليس موجب مقابلي دوران جوابدار جا 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.