سلطانپور(ن پ ا) سلطانپور جي ڳوٺ آچر ناپر واسي 17 سالا نوجوان جو اغوا ڊرامو نڪتو، خبر موجب اغوا ڄاڻايل نوجوان سيف الدين چنو قرضين کان تنگ اچي ڀاءُ جي موٽر سائيڪل وڪرو ڪرڻ بعد ڊپ سبب مائٽن وٽ لڪي ويو هو، جنهن بابت وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، ڪينٽ پوليس ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي جديد ٽيڪنالوجي سان نوجوان کي پنجاب مان هٿ ڪري ورتو، پوليس موجب نوجوان اغوا نه ٿيو هو پر قرض سببب گهران نڪري ويو هو، موٽر سائيڪل وڪرو ڪرڻ بعد گهر ڀاتين جي ڊپ کان پنجاب لڪي ويو هو، جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريس ڪري هٿ ڪري ورتو.