سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ پيربخ ناپر واسي 2 معصوم طالب 4 ڏينهن کان مدرسي مان پراسرار نموني گم ٿي ويا،  وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان  وارثن محمد نواز ناپر ۽ ٻين چيو ته طالب علم محمـد ابـراھـيم پـٽ محـمد نواز ناپر ۽ نـاظـم حـسيـن پٽ مرحـوم نـبي بـخش ناپـر پنوعاقل جي مدرسي مان گم ٿي ويا آھن، هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نينگر اغوا ٿيا آهن،   ٻئي پاسي مدرسي جي مولانا فيصل محمود موجب ته طالب اغوا ناهن ٿيا، رات جي وقت مدرسي مان نڪري ويا هئا.