نيويارڪ/جنيوا / لنڊن (م ڊ)پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس، گڏيل قومن امن لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پاڪستان جي درخواست تي نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 5 مستقل ميمبرن آمريڪا، روس، چين، برطانيه ۽ فرانس سميت 15 ميمبر شريڪ ٿيا، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مندوب عاصم افتخار به شرڪت ڪئي ان موقعي تي پاڪستان پاران ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ پهلگام واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي. عاصم افتخار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڀارت جي جنگي ۽ چڙ ڏياريندڙ قدمن سان علائقائي امن کي خطرو آهي، سلامتي ڪائونسل نوٽيس وٺي، هن چيو ته پهلگام واقعي تي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. اجلاس ۾ ٻن ائٽمي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن کي پرامن رهڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ هندستان کي امن جي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ڪير غلطي نه ڪري، معاملا ڳالهين سان حل ڪيا وڃن، ڪا به جنگي حرڪت ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري ويندي، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڇڪتاڻ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، ٻنهي ملڪن ۾ جنگ واري صورتحال منهنجي لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي، پهلگام واقعي جي مذمت ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪريان ٿو. ميڊيا بريفنگ دوران عالمي اداري جي سربراهه چيو ته جنگ لڳي ته پوءِ ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه هوندي، هي تحمل ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جو وقت آهي، ٻئي ملڪ هڪ هڪ قدم پوئتي هٽن، آئون امن لاءِ گڏيل قومن جو پليٽ فارم پيش ڪريان ٿو. هن واضح ڪيو ته ٻئي ملڪ چڱي ريت ڄاڻي وٺن ته جنگ جو ملٽري حل ناهي هوندو ڪا به جنگي حرڪت ڪنٽرول مان ٻاهر ٿي ويندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو وڌيڪ چوڻ هو ته پهلگام ۾ معصوم شهرين کي ٽارگيٽ بڻائڻ ناقابل برداشت آهي، حملي آورن کي ڪيفر ڪردات تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙي ڇڪتاڻ کان بچڻ گهرجي جنهن سان جنگ جو خطرو هجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي فوجي ڇڪتاڻ کان بچڻ گهرجي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن نه هجي، هي پنهنجو پاڻ کي روڪڻ ۽ جنگ تان واپس ورڻ جو وقت آهي. انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي پيغام ڏنو ته ڪنهن به مسئلي جو فوجي حل ڪو به حل ناهي هوندو. ٻنهي ملڪن ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪريان ٿو، گڏيل قومون اهڙي ڪاوش جي حمايت ۽ مدد لاءِ تيار آهي جنهن سان ڇڪتاڻ ختم ٿئي. سفارتڪاري وڌي ۽ امن قائم ٿئي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٻيون ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، امن ڪردار جي آجيان ڪئي وئي. پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ڌار ڌار ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻن طرفن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، خاص طور تي پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران ٻنهي ملڪن ۾ ٽياڪڙي جي آڇ پڻ ڪئي وئي، صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻه تعلقات آهن، خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو دورو سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي هدايتن تي ڪيو ويو. ايران موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي موقف کي سمجهي ٿو، عباس عراقچي ٻنهي ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن تڪرار گهٽجي سگهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. ايران، پاڪستان سان گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. ايراني پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي به ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايراني پرڏيهي وزير خطي جي معاملن تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي. صدر اهم وقت تي پاڪستان جي دوري تي اچڻ تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. صدر چيو ته ڀارت جي جارحاڻين قدمن سبب علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.صدر ڳالهين ۽ سفارتڪاري لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.صدر ايران سان واپار کي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين غزه جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. غزه ۽ مغربي ڪناري تي اسرائيلي فوجن جي ظلمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير، ايراني صدر طرفان صدر آصف علي زرداري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. پاڪستان برطانيا کي به پهلگام واقعي جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم هائوس ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته برطانيا پنهنجا سفارتي لاڳاپا استعمال ڪندي خطي ۾ امن جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، حڪومت جو سڄو ڌيان ملڪ جي معاشي ترقي تي آهي، پاڪستان ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندو، جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو ٿئي، برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته برطانيا علائقائي امن لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪندو