اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ  چيئرمين رضا رباني قومي سلامتي پاليسي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽي پاران قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي، قومي سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ جي نه راءِ ورتي وئي نه اعتماد ۾ ورتو ويو. هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي کي پارليامينٽ جي سلامتي ڪاميٽي ۾ جوڙڻ گهرجي ها، رضا رباني چيو ته ٽي ايل پي معاهدي وانگر سلامتي پاليسي به عوام سامهون پيش ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو.