منهنجي عمر جا هاڻوڪا پل ڪيئن گذرن ٿا، اها ٻي ڳالھ آھي، پر هن جي زندگي جا پل شايد ٺيڪ گذرندا هوندا، جن کي هن پاڻ چونڊيو هو. اسان ٻئي پهرين بهتر سماج اڏڻ جا خواهشمند ۽ پوءِ زندگي سنوارڻ جا خواهشمند، پر ٻئي ڄڻا اهي ڪم ڪري نه سگهياسون. ڪيترن ئي ماڻھن وٽ زندگي ۾ ذاتي آسائش ۽ ٺٺ ٺانگر اهم هوندو آھي، جيڪو غلط عمل آھي. منهنجي اڳيان زندگي وڻ جي پن جيان آھي، پن هوا جي هڪ جهوٽي تي ڇڻي ڪري پوي ٿو. ورڌمن مهاوير 540 ق،م ۾ ڄائو هو، هو شاعر به هو، جنهن زندگي متعلق هڪ هنڌ چيو هو،
“جيئن هڪ پن جو وقت گذري ٿو وڃي،
۽ وڻ مان ڇڻي ڌرتي تي ڪري ٿو،
ماڻھوءَ جو جيون به ايئن ئي آھي”.
ذاتي مفادن خاطر ديس ۽ درياءَ جا سودا ڪرڻ هن مختصر زندگي جا نڀاڳا پل ھوندا آھن، ايئن ڪرڻ سان ماڻھو جي قبر به غداري جي الزامن کان آجي نه رهندي آھي، جيئن حمل جت جي قبر غدار جي قبر سڏبي آھي. حمل جت جي اها ويران قبر، جنهن مٿان مقبرو به اڏيل آھي، ملا حسن جي مقام تي اڄ به زبون حالت ۾ موجود آھي. اها ٻي ڳالھ آھي ته هن دنيا ۾ ڪوئي ماڻھو ڪنهن سان جيتري وفاداري ڪندو آھي، اوتروئي کيس ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهندي آھي. سالن کان پوءِ آس مون کي ڏسي چيو، “سقوط سماج”. مون وراڻيو، “سقوط دل”. ان وقت منهنجي ذھن ۾ سقوط سماج نئون اصطلاح ھو، سقوط ڊاڪا ته گهڻو ٻڌل سئل هو. مون سقوطِ ڊاڪا متعلق جڏھن مضمون پڙھيا، ته مون کي فيض احمد فيض جو هي شعر ياد آيو،
ٿي بهت بي درد لمحي، ختم درد عشق ڪي،
ٿين بهت بي مهر صبحين، مهربان راتون ڪي بعد.
بنگالين جو نئون نسل فيض احمد فيض کان شايد گهڻو واقف ڪونهي ۽ نه ئي بنگالين فيض جو قرض چڪايو آھي. فيض اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي زبان جي تحريڪ دوران راولپنڊي سازش ڪيس ۾ 1951ع کان 1955ع تائين قيد ۾ به رهيو هو.
16ڊسمبر 1971ع جو اهو ڏينهن، جنهن ڏينهن پاڪستان جا نوي هزار فوجي جوان جنگي قيدي ٿيا ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو. بنگال ڄائي تورو دت Toru Dutt به شاعره ۽ ناول نويس هئي. هوءَ سقوط ڊاڪا کان اڳ هن دنيا مان گذر ڪري ويئي، نه ته هن جي دل ٽٽي ٽڪرا ٿئي ها. هوءَ 1856ع ۾ ڄائي، 1877ع ۾ وفات ڪري ويئي، هن جي قبر ڪلڪتي جي مانڪتلا جي ڪرسچن جي قبرستان ۾ آھي، ڇاڪاڻ ته هن اڳيان هلي خاندان سميت عيسائي مذھب اختيار ڪيو هو. هن کانسواءِ بنگالي شاعرن ۽ شاعرائن ۾ قاضي نذرالاسلام(1896ع- 1976ع) وحشت رضا علي ڪلڪتوي (1881ع- 1956ع)، عندليب شاداني (1904ع- 1969ع)، فردوسي بيگم (وفات 1962ع)، ڪرامت علي جونپوري (1800ع- 1873ع)، شاهده حسن (وفات 1953ع)، علي حيدر ملڪ (وفات 1944)، سر عبدالرحيم (1867ع- 1952ع) آصف بنارسي (1901ع- 1977ع)، ناطق لکنوي (1878ع -1950ع)، رابندرناٿ ٽئگور (جنهن جو جنم 1861ع ۾ ڪلڪتي هندستان ۾ بنگالي گهراڻي ۾ ٿيو ۽ 7 آگسٽ 1941ع تي ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين) سقوط ڍاڪا دوران انهن شاعرن ۽ اديبن مان ڪيترائي گذاري چڪا هئا. جيڪي زنده هئا، انهن اوڀر پاڪستان جي تباهي اکين سان ڏٺي هئي.
آئون سقوط ڍاڪا جي رت هاڻي تاريخ مان جمپ ڏيئي پٺتي نڪران ٿو، جيئن اڃايل گڊ پهاڙي جي چوٽي تان رڃ کي پاڻي سمجهي اڳيان جمپ ڏيئي نڪرندو آھي. هن وقت ساري سنڌ، ھڪ عجيب ڪيفيت مان گذري رهي آھي. هڪ پاسي هر ماڻھو پنهنجي بهتر مستقبل جي وهمن ۾ ورتل آھي، اهي وهم اڃان به تڏھن وڌي وڃن ٿا، جڏھن سنڌو ندي تي وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جي رٿا شروع ڪئي ويئي آھي، جنهن سان پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿي ويندي، جنهن سان هر آبادگار سندن آبادين جي باري ۾ گهڻو مايوس ٿي ويو آھي. جنهن سماج ۾ مسلسل اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وينديون آھن ته اڪثر ماڻھو وهمي، شڪي، ويراڳي، يا وري ڏوهاري ٿي وڃن ٿا، جنهن سان پر امن سماجي ڍانچو بدلجي وڃي ٿو.
مون کي ويجهي ماضي ۾ خودڪشين جا ڪجه واقعا ياد ٿا پون، جن ۾ ٻه اهم واقعا بدين ضلعي ۾ پيش آيا هئا. انهن خودڪشين جي واقعن ۾، بدين جي رهواسي پيءُ ۽ پٽ ھڪ ٻئي پٺيان خودڪشيون ڪيون، هو پاڻ کي هاري اڳواڻ شھيد فاضل جا پيروڪار سڏائيندا هئا، فاضل جي شھادت کان پوءِ هو اسماعيل ۽ اسلم راهو سان گڏ رهيا، ويجهڙائي ۾ راهن سان ڏيتي ليتي جي معاملي تان ڪاوڙجي پهرين پيءُ ۽ پوءِ پٽ فاضل جي قبر تي خودڪشي ڪري ڇڏي. آئون سمجهان ٿو دنيا ۾ ان کان وڌيڪ ٻي وڏي بيوفوفي ڪا به ناهي! جو پڙهيو لکيو ماڻھو وڌيڪ فائدو نه ملڻ سبب خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ گهر ڀاتين کي وڏي مشڪل ۾ وجهي ڇڏي. مون کي سندن خودڪشين تي ڏاڍو ڏک پهتو. ان کان وڌيڪ ڏک اهو آھي ته سندن خودڪشين کان پوءِ سندن گهر ۽ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ سندن اهڙي موت تي مون کي ڊگمبر پنٿ جي هڪ جيني سنياسي “پوڄيا پد” جو هڪ شعر ياد ٿو اچي،
“سرير، گهر، ڌن ۽ ڌرم پتني،
پٽ متر ۽ شترو،
اهي سڀ آتما کان بي نياز آھن،
رڳو مورک انهن کي پنهنجو سمجهن ٿا”
ٻي طرف دنيا جنهن تيزي سان ترقي جي ميدان تي ڊوڙي رهي آھي، ان صورتحال ۾ ھاري ۽ مزدور طبقو اوترو ئي پوئتي ڌڪجي رهيو آھي. اهڙي صورتحال پورهيت طبقي کي ٻيڻو نفسياسي مريض ڪري ڇڏيو آھي، جنهن ڪري سنڌ ۾ ھر ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي ڪو هاري، مزدور، پورهيت خودڪشي ڪري رهيو آھي. پر هاڻي ته اهي بيروزگار نوجوان به خودڪشين ڏانهن ڌڪيا پيا وڃن، جيڪي نوڪرين جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيا آھن. ميرٽ جي آڙ ۾ پئسن تي نوڪريون وڪڻي حڪومتي نمائندا پڙھيل نوجوان جون دليون ٽوڙي رهيا آهن، جنهن سان سماج مختلف براين، منشيات، خودڪشين، مرڻ ۽ مارڻ جو عادي ٿيندو ٿو وڃي.