اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس سروس سينٽر جو دورو ڪيو، وزيراعظم سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس سروس سينٽر جي قيام جي ساراهه ڪندي چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اسلام آباد ۾ ڪيس ڪيڊ سروس سينٽر جو قيام عالمي معيارن جي مطابق ۽ جديد گهرجن کي نظر ۾ رکندي قابل تحسين آهي. ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ، ڪردار جي سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس جي تصديق، گم ٿيڻ جي رپورٽ، ڪرائيدارن جي رجسٽريشن، پرڏيهين جي رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، رضاڪارن جي رجسٽريشن، گاڏين جي تصديق ۽ سروس سينٽر تي سفارتي برادري ۽ غير ملڪي شهرين کي ايف آءِ آر ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. آءِ جي اسلام آباد پوليس وزيراعظم کي سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سهولتن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به موجود هئا.