ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ وچ ۾ ٺاھه ٿي ويو، ٽن سالن کان ھلندڙ چار ڪيس ختم، قسم نامو جمع ڪرائڻ کانپوءِ عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪالهه  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ  جي عدالت ۾ حليم عادل شيخ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ۾ ٺاھ ٿيڻ کانپوءِ حلف نامو جمع ڪرايو ويو، قسم نامي جمع  ٿيڻ کانپوءِ عدالت 4 ئي ڪيس خارج ڪري ڇڏيا، اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ ھو ته حليم عادل شيخ  مون تي لڳايل سمورا الزام واپس وٺي ڇڏيا آهن، جنهن بعد مون 4 ئي ڪيس واپس وٺي ڇڏيا آهن، اھي ڪيس 3 سالن کان ٻڌڻي هيٺ هئا،واضح رهي ته سعيد غني حليم عادل شيخ خلاف هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جون 2 دعويٰ ۽ 2 ڊائريڪٽ ڪمپلين داخل ڪيون ھيون، ٻنھي اڳواڻن ۾ ٺاھ ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ ھڪ ٻئي کي ڀاڪر به پاتا ويا.